ڪراچي (رپورٽر/ پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا ۽ امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد چيو آهي ته سنڌ صوبي مٿان لاڳيتو ٻن ڏهاڪن کان حڪمراني ڪندڙ ٽولي عوام کي بُک، بيروزگاري، معاشي بدحالي، مهانگائي ۽ ڌاڙيل راڄ جا تحفا ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، جاري بيان ۾ ڪاشف سعيد چيو ته پڙهندي سنڌ ته اڳتي وڌنڌي سنڌ“ جو نعرو هڻندڙ حڪومت پاران تعليمي ادارا 31 مارچ تائين بند ڪرڻ وارو فيصلو لکين شاگردن جي مستقبل سان هٿ چراند آهي، جنگ هزارين ميل پري وڙهي پئي وڃي، پر ان جو اثر سنڌ جي ٻارن جي تعليم تي وڌو پيو وڃي ڇا اهڙن افعالن سان سنڌ اڳتي وڌنڌي؟ اهو سوال رڳو والدين يا استاد نه، پر هر باشعور شهري جي ذهن ۾ گونجي رهيو آهي.سنڌ جتي اڳ ۾ ئي تعليم جي حالت ڪا تسلي بخش نه آهي، حافظ نصرالله چنا چيو ته ٽرمپ ۽ سندس پوئلڳ پنهنجي بالادستي برقرار رکڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ فساد پکيڙي انسانيت جي نسل ڪشي ۾ مصروف آهن، غزا کان ايران تائين، ايپسٽين فائلز انھن جي خوفناڪ ڪرتوتن کي بي نقاب ڪيو آهي.