190 ملين پائونڊ ڪيس:عدالت پاران نيب تي هڪ لک رپيا ڏنڊ

اسلام آباد(بيورو(اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف ڪئي، جڏهن ته بيرسٽر سلمان صفدر ۽ اعتزاز احسن عدالت ۾ پيش ٿيا.بيرسٽر اعتزاز احسن چيو ته هن پاور آف اٽارني جي تصديق ڪرائڻ لاءِ اهو دستاويز باني پي ٽي آءِ وٽ موڪلڻ لاءِلطيف کوسي  کي ڏنو هو، پر وڪالت نامي جي حاصلات لاءِ کين اڊياله جيل جي ويجهو به وڃڻ نه ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ڪالهه عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي هئي ته وڪالت نامي تي صحيحون ڪرائي ڏنيون وينديون، پر اهي ڪنهن به عدالت کي نٿا مڃين. چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڊياله جيل جو سپرنٽنڊنٽ جيڪو به وڪالت نامو موڪليو وڃي ٿو، ان تي صحيحون ڪرائي ڇڏيندو آهي.اعتزاز احسن چيو ته ان معاملي تي سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. جڏهن کين سمجهايو وڃي ٿو ته چون ٿا ته اسان کي مٿي کان حڪم آهي. هو چون ٿا ته جنرل فيض حميد کي سزا ٿي وئي آهي ۽ احتساب شروع ٿي چڪو آهي.. اعتزاز احسن چيو ته 65 ڏينهن تائين  عمران خان کي مڪمل اڪيلائي ۾ رکيو ويو، نه ڪٽنب سان ملڻ ڏنو ويو ۽ نه وڪيلن سان. ان دوران اکين جو مسئلو پيدا ٿيو.اعتزاز احسن چيو ته جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ به اسان جيل ويندا هئاسين ۽ تشدد به ٿيندو هو. نيب چيو ته جيڪڏهن قيدِ تنهائي  بابت درخواست آهي ته اسان کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي ته جيئن جواب ڏئي سگهون.اعتزاز احسن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته جلد فيصلو اچي وڃي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اڄ اسپيشل پراسيڪيوٽر عدالت ۾ موجود نه آهي. باني پي ٽي آءِ جي وڪيلن درخواست ڪئي ته نيب تي ڏنڊ لڳايو وڃي. عدالت اسپيشل پراسيڪيوٽر جي غيرحاضري تي نيب تي هڪ لک رپيا ڏنڊ مڙهيو. عدالت نيب جي متفرق درخواست تي باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.بعد ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ جي وڪيلن ايندڙ تاريخ وٺڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. بيرسٽر اعتزاز احسن، سلمان اڪرم راجا ۽ عمران خان جي ڀينرون سيڪريٽري آفيس جي ٻاهران ڌرڻو هنيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.