ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪريم آباد ۾ فرنيچر مارڪيٽ ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوانڀائر فوت ٿي ويا، پوليس موجب عزيز آباد جا رهواسي ٻئي ڀائر عيد جي خريداري لاءِ گهران نڪتا هئا، فوت ٿيلن مان هڪ نوجوان نائين ۽ ٻيو ڏهين جماعت جو شاگرد هو، پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، ضروري ڪارروائي کان پوءِ نوجوانن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، حادثي کانپوءِ فرار ٿيندڙ ٽريلر ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي، فوتين نوجوانن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، وارثن طرفان مطالبو ڪيو ويو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.