خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) تقريبن چار ڏينهن اڳ خيرپور ۾ مبينا ڪوڙو پوليس مقابلو، عدالت پاران جاچ جو حڪم، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور جي ٿرڊ سول جج ۽ جوڊيشل مجسٽريٽ پاران سيشن جج جي حڪم تي مبينا ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ٻن نوجوانن جي مارجي وڃڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي تفصيل موجب خيرپور جي ٿرڊ سول جج ۽ جوڊيشل مجسٽريٽ 10 مارچ 2026 تي جاري ڪيل خط ۾ ايس ايچ او ٻٻرلوءِ ٿاڻي ۽ ڊي ايس پي/آء ايس پي سٽي تعلقي خيرپور کي هدايت ڪئي آهي ته سوشل ميڊيا ۽ مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن جو نوٽيس وٺندي ۾ واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ارشاد پٽ شاهنواز ميراني ۽ نور احمد پٽ گل حسن بروهي کي ٻٻرلوءِ پوليس گرفتار ڪيو هو، جنهن بعد رپورٽن موجب ٻنهي کي پوليس اڪنامڪ زون ۽ ٽنڊو مستي ٿاڻي خيرپور جي حد ۾ مبينا مقابلي دوران ماريو هو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته خبر ۾ لڳايل الزامن جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي واقعي جي شفاف ۽ مڪمل جاچ ضروري آهي، ان لاءِ پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته گرفتاري ۽ بعد ۾ پيش آيل واقعي بابت سڀ حقيقتون ۽ لاڳاپيل معلومات گڏ ڪري ٽن ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.