سنڌ ۾ نئين سرڪاري گاڏين ۽ ٻين شين جي خريداري بند

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ سيڪريٽري ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت سرڪاري سطح تي ڪفايت شعاري قدمن تحت نئين سرڪاري گاڏين ۽ ٻين قيمتي شين جي خريداري تي جون 2026 تائين مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ان کان علاوه غير ترقياتي خرچن ۾ به گهٽتائي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن سرڪاري وسيلن کي موثر انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ٻڌايو ته سرڪاري آفيسن ۾ پيٽرول ۽ توانائي جي بچت لاءِ صوبي ۾ چار ڏينهن وارو ورڪ ويڪ (Work Week) نافذ ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت سومر کان خميس تائين سرڪاري آفيسون کليل رهنديون جڏهن ته جمعو، ڇنڇر ۽ آچر موڪل هوندي. پر هي فيصلو ضروري خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن تي لاڳو نه ٿيندو. اجلاس ۾ هي فيصلا پڻ ڪيا ويا. سرڪاري آفيسن ۾ 50 سيڪڙو عملو متبادل ڏينهن تي "ورڪ فرام هوم” تحت ڪم ڪندو. 20 هين گريڊ ۽ ان کان مٿي جا آفيسر رضاڪاراڻي طور ٻن ڏينهن جي پگهار ڇڏيندا. صوبائي وزيرن ۽ صلاحڪارن پڻ رضاڪاراڻي طور ڪجهه مهينن جي پگهار ۽ مراعتون ترڪ ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.