آءِ ايم ايف جو پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 18 ارب ڊالر تائين پهچائڻ تي زور

اسلام آباد  (بيورو) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته جون تائين پنهنجي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 18 ارب ڊالرن جي هدف تائين پهچايا وڃن. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ جاري ورچوئل ڳالهين ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته آمريڪا، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري تڪرار سبب پاڪستان جي معيشت لاءِ خطرا ۽ غير يقيني واري صورتحال وڌي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي اختيارين آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ته هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ 16.3 ارب ڊالر جا ذخيرا موجود آهن. نئين مالي سال (2026-27) جي وفاقي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ، سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ ۽ انڪم ٽيڪس ۾ 5 سيڪڙو امڪاني گهٽتائي جهڙا قدم هاڻي آءِ ايم ايف جي سائي جهنڊي ڏيکارڻ سان مشروط آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻارڻ جي قيمتن ۾ اضافي سبب مهانگائي وڌي سگهي ٿي، جڏهن ته فيبروري 2026 ۾ بنيادي مهانگائي جي شرح 7.6 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. پاڪستان جي معاشي ناڻي واڌ (جي ڊي پي گروٿ) 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.