جنگ باوجود ايران ۾ پيٽرول سميت ڪنهن به شئي جو اگهه نه وڌيو

تهران(عوامي آواز نيوز)ايراني صحافي محمد حسين باقري چيو آهي ته ايران هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي،پر هتي پيٽرول تي هڪ رپيو به ناهي وڌايو ويو،نه رڳو پيٽرول بلڪه بجلي جي قيمتن يا ڪنهن بهشئي جو اگهه نه وڌيو آهي،هن چيو ته هتي ايران ۾ هر ايراني جنهن وٽ گاڏي آهي ان کي ڪارڊ ڏنو ويندو آهي،هر مهيني ان تي 60 ليٽر پيٽرول رڳو چار رپيا ليٽر ۾ ملندو آهي،اهو ڪارڊ ختم ٿئي ته 100 ليٽر وارو ڪارڊ ملندو آهي،اهو پيٽرول 8 رپيا ليٽر پوندو،جيڪڏهن اهو ختم ٿئي ته پوءِ 15 رپيا ليٽر پيٽرول ملندو،هن چيو ته ايتري جنگ ۾ تيل تنصيبات،پاور پلانٽس تي بمباري ڪئي وئي،ان ۾ تهران ۾ رڳو ٻن ڪلاڪن جي ئي لوڊشيڊنگ ٿي،هاڻي بجلي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري آهي،ايراني رجيم عوام لاءِ ڪم ڪري رهي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.