سنڌ ۾ 16 مارچ کان ٻن هفتن لاءِ اسڪول بند، ملازم جمعي تي گهران ڪم ڪندا

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) وفاقي حڪومت جي فيصلن جي پيروي ڪندي سنڌ حڪومت بين الاقوامي ۽ علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۾ تعليمي ادارا 16 مارچ کان 31 مارچ تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪندي ،  ڪفايت شعاري جي تحت سنڌ جي وڏي وزير جو جهاز به استعمال نه ڪيو ويندو ، سرڪاري دعوتن ۽ خانگي هوٽلن ۾ سرڪاري تقريبون نه ڪرڻ سان گڏ  سنڌ ڪابينا ميمبرن اهو به فيصلو ڪيو آهي ته اهي ذاتي طور تي افطار پارٽين ۾ شرڪت نه ڪندا، ملير ضلعي ۾ هڪ نرسنگ اسڪول کولڻ، شاگردن جي حاضري جي نگراني لاءِ هڪ موبائل ايپ ۽ ڊجيٽل ڊيش بورڊ جي منظوري ڏني وئي آهي ، جنهن ذريعي شاگردن جي حاضري ۽ داخلا جو رڪارڊ رکيو ويندو ۽ سنڌ هاري عورت مزدورن جي قاعدن جي منظوري ڏيندي ، هاري ۽ پورھيت عورتن کي برابر اجرت ۽ ويم جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، بينظير عورت زرعي مزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، هن چيو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ عورت پورھيتن جي ڀلائي لاءِ 500 ملين رپين جو انڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  عورتن کي هراساني ۽ فرق کان بچائڻ لاءِ قانوني قدم پڻ شامل ڪيا ويا آهن ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هن قسم جو قدم کنيو پيو وڃي. ڪابينا بينظير عورت زرعي مزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، جڏهن ته عورت پورھيتن جي ڀلائي لاءِ 500 ملين رپين جو انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو ويندو.سنڌ ڪابينا ملير ۾ نرسنگ اسڪول جي قيام جي به منظوري ڏني آهي، جنهن لاءِ تعلقي ابراهيم حيدري ۾ چار ايڪڙ سرڪاري زمين مختص ڪئي وئي هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ هن سطح تي عورتن لاءِ اڳ ۾ ڪو به ڪم نه ڪيو ويو آهي. جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينا زرعي عورت مزدورن جي قاعدن جي منظوري ڏني آهي، جنهن تحت عورت زرعي پورھيت عورتن کي برابر اجرت ۽ زچگي جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته عورتن کي هراساني ۽ فرق کان بچائڻ لاءِ قانوني قدم پڻ شامل ڪيا ويا آهن ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هن قسم جو قدم کنيو پيو وڃي. ڪابينا بينظير عورت زرعي مزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، جڏهن ته عورت پورھيتن جي ڀلائي لاءِ 500 ملين رپين جو انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ هن سطح تي عورتن لاءِ اڳ ۾ ڪو به ڪم نه ڪيو ويو آهي.هن چيو ته سنڌ ڪابينا جي فيصلن موجب سرڪاري کاتن ۾ سٺ سيڪڙو گاڏيون ٻن مهينن لاءِ بند رکيون وينديون جڏهن ته چاليهه سيڪڙو گاڏيون استعمال ڪيون مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ غير ضروري سرڪاري خرچن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، پرڏيهي دورن تي پابندي لڳائي وئي، ان کان علاوه حسن سلمان اسپتال لاءِ به فنڊ منظور ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت به اوتري ئي رقم فراهم ڪندي جيتري خانگي شعبي هن منصوبي ۾ سيڙپڪاري ڪندو، جنهن سان ڪراچي جي ماڻهن کي اهم طبي سهولتون فراهم ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو شاگردن جي حاضري جي نگراني لاءِ هڪ موبائل ايپ ۽ ڊجيٽل ڊيش بورڊ جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن ذريعي شاگردن جي حاضري ۽ داخلا جو رڪارڊ رکيو ويندو ۽ اسڪول ڇڏڻ جي ڪيسن جي شرح کي مدد ملندي. هي نظام هڪ سال اندر سنڌ جي سڀني اسڪولن ۾ لاڳو ڪيو ويندو ۽ ان کي سنڌ جي تعليم کاتي پاران هڪ وڏو انقلابي قدم قرار ڏنو پيو،اڳوڻي نگران وزيرن ۽ ٻين شخصيتن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو به فيصلو ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته مارڪيٽ ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ کان بچڻ لاءِ واپارين کي موجود ڪڻڪ ڏني وڃي. موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي، وفاقي حڪومت پاران ڏنل ڪفايت شعاري پروگرام جي به منظور ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ حڪومت به ڪفايت شعاري مهم شروع ڪئي آهي. سرڪاري گاڏين جي ٻارڻ جي استعمال ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، جنهن سان تقريبن 960 ملين رپيا بچائڻ جي اميد آهي، جڏهن ته، ايمبولينس، پوليس ۽ ٻين ايمرجنسي سروسز گاڏين کي ان کان مستثنيٰ رکيو ويندو. سرڪاري کاتن ۾ سٺ سيڪڙو گاڏيون ٻن مهينن لاءِ بند رکيون وينديون جڏهن ته چاليهه سيڪڙو گاڏيون استعمال ڪيون وينديون. هن عمل جي نگراني لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وزيرن رضاڪاراڻي طور تي ٽن مهينن لاءِ پگهارون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ميمبرن جو فيصلو ڪندي. مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ غير ضروري سرڪاري خرچن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، پرڏيهي دورن تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ سرڪاري آفيسر ضرورت پوڻ تي اڪانومي ڪلاس ۾ سفر ڪندا، ڪنهن کي به بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.