وزيراعظم جي تقرير ڊرامو هئي:مشتاق احمد خان

اسلام آباد(بيورو)جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان وزيراعظم جي تقرير کي ڊرامو، فراڊ ۽ دوکو قرار ڏيندي  چيو آهي  ته سادگي جي نالي تي صرف عارضي، نمائشي يا ڪاسميٽڪ اقدام ڪيا ويا آهن، جن جو غربت ختم ڪرڻ، مهانگائي گهٽائڻ ۽ قومي معيشتکي سپورٽ ڏيڻ سان ڪو تعلق ناهي، ۽ حقيقي اصلاحاتي ايجنڊا نظرانداز ڪئي وئي  آهي، جڏهن ته اشرافيا جي مراعات، پروٽوڪول ۽ عياشي کي تحفظ ڏنو ويو،هن چيو ته تقرير ۾ هي نقطا نظرانداز ڪيا وياآمريڪا ۽اسرائيل طرفان ايران تي حملي جي مذمت نه ڪئي وئي،هر ليٽر پيٽرول تي 105–120 رپين جي اضافي مهانگائي غريبن جي کيسي تان ختم نه ڪئي وئي.پنجاب حڪومت جا 11 ارب ۽ وفاقي حڪومت جا اربين جا خريد ڪيل جهاز صرف حڪمرانن لاءِ استعمال تي رکڻ بابت ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي.اشرافيا، ججن، جنرلن، وزيرن ۽ ڪاموراشاهي جي مفت پيٽرول ختم ڪرڻ تي ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي.مفت بجلي، مفت گئس، سرڪاري گارڊز ۽ پروٽوڪول ڪلچر ختم ڪرڻ بابت ڪا تجويز نه ڏني وئي.ايف بي آر ۾ سالياني هڪ هزار ارب رپين جي ڪرپشن ختم ڪرڻ جو ڪو پلان پيش نه ڪيو ويو.هن چيو ته  عوام کي هاڻي اهي ڊراما سمجهه ۾ اچي چڪا آهن؛ اهي هاڻي نه هلندا.

  1. تيل اگهن تي پ پ منافقت پئي ڪري:جنيد اڪبر

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻ جنيد اڪبر چيو آهي ته هڪ طرف پيپلز پارٽي مهانگائي تي شور ڪري رهي آهي، ۽ ٻئي طرف جڏهن پي ٽي آءِ اسمبلي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن بابت ڳالهائڻ چاهي، ته پيپلز پارٽي جي ڊپٽي اسپيڪر ئي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيوهن چيو ته  حقيقت اها آهي ته عوام کي لوٽڻ جي ايجنڊي تي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ مڪمل طور هڪ ئي صفحي تي آهن،پ پ منافقت کان ڪم وٺي رهي آهي.

  1. تيل اگهن ۾ واڌ ايف بي آر جي نااهلي لڪائڻ جي ڪوشش آهي:شازيا مري

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو آهي ته  مان پاڻ پيٽرول پمپ جو مالڪ آهيان،ڪمپنين طرفان پيٽرول فراهم نه ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته هن وقت صرف سرڪاري ڪمپني پي ايس او پيٽرول فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻين نجي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين  پاران سپلائي بند ڪئي ويئي آهي.هن سوال ڪيو ته اهڙي صورتحال ۾، جڏهن مارڪيٽ ۾ اڳ ۾ موجود تيل جي فراهمي به روڪي وئي آهي، قيمتن ۾ اضافي جو ڇا جواز آهي؟هن زور ڀريو ته 55 رپيا في ليٽر اضافي ۽ اربين رپيا ڪمپنين جي ڪمائي جو معاملو آهي،پ پ ايم اين اي شهلا رضا چيو ته حڪومت رمضان جي مهيني ۾ قيمتن ۾ اضافو ڪري عوام کي عيدي وصول ڪئي آهي،ايم اي اي شازيا عطا مري چيو ته حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 55 رپيا في ليٽر اضافو ڪري ايف بي آر جي نااهلي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي،هن چيو ته ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙي بهتر ناهي،ان ڪمي کي پورو ڪرڻ لاءِ پيٽرول مهانگو ڪري عوام کان رقم وصول ڪئي پئي وڃي،اها سراسر ناانصافي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.