اسلام آباد(مطيع الله جان)خيرپور، سنڌ مان هڪ زيادتي جو شڪار ٿيندڙ عورت نئين ڄاول ٻار سان گڏ سپريم ڪورٽ پهتي، جڏهن ته جوابدار ضمانت تي آزاد ڪيا ويا،خيرپور ۾ رحمت خاتون هڪ سال اڳ اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿي هئي. ان جي جوابدارن جي ضمانت خيرپور جي سيشن عدالت ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻنهي رد ڪري چڪيون هيون، پر ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ انهن جوابدارن جي ضمانت ۾ توسيع ٿي وئي آهي.هي واقعو اجتماعي زيادتي ۽ سنڌ پوليس جي ڪم ڪار بابت ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو. متاثر عورت جي هُتي هڪ ٻار پڻ ڄائو آهي، ۽ هي عورت تقريباً هڪ سال کان انصاف لاءِ عدالتن ۾ ڌڪا کائي رهي آهي،رحمت خاتون ٻڌايو ته چار جوابدار جيڪي سندس مامي جا گهر وارا هئا، هن جي گهر ۾ آيا، هن جا هٿ پير ٻڌي ۽ وات ۾ رومال وجهي هن سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي،هن چيو ته نجیب احمد هڪ وڊيو رڪارڊ ڪري رهيو هو، جوابدارن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ڪنهن کي ٻڌايو ته وڊيو سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري ڇڏينداسين،هن چيو ته خوف سبب هوءَ ڪنهن کي ڪجهه نه ٻڌايو، ۽ چار مهينا بعد ئي جڏهن هن جي صحت خراب ٿي، ماءُ کيس ڊاڪٽر وٽ وٺي وئي، ۽ الٽراساؤنڊ ۾ معلوم ٿيو ته هوءَ ڳورهاري آهي،هن چيو ته جوابدارن اختيار احمد ڀٽو، نجیب احمد ڀٽو، رفيق احمد ڀٽو، ۽ اڪرام علي ڀٽو خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي پر جاچ آفيسر سرفراز احمد مڱڻ اسان سان تعاون نه ڪيو، ۽ گهڻو ڪجههلڪائي رهيو هو،جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي نه ٿي ۽ اهي آزاد رهيا.سپريم ڪورٽ ۾ پڻ، جڏهن جوابدارن جي ضمانت جي تاريخ هئي، متاثر عورت کي وڪيل ڏيڻ جا پئسا نه هئا، تنهنڪري هوءَ پاڻ پيش ٿي. هن ڪيس ۾ ڪيترائي لوپ هولز ۽ غفلتون آهن، جهڙوڪ ڊي اين اي جا صحيح نمونا نه وٺڻ، وڊيو ۽ بيان مڪمل نه رڪارڊ ٿيڻ وغيره.سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي، 7 اپريل تي، سڀئي رڪارڊ چيڪ ڪندي ۽ انصاف جي فيصلي لاءِ اقدام ڪندي.متاثر عورت هڪ ٻار سان عدالتن جي چڪر ۾ آهي، ۽ اڃا تائين واضح ناهي ته ٻار جو والد ڪير آهي، ۽ جيڪڏهن مبينه والد ضمانت تي آزاد رهي ٿو، ته ثبوت ٽيمپر ٿيڻ جو خطرو آهي.