اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي صلاحيتن ۾ واڌاري جي اميد ٿي وئي، فائيو جي اسپيڪٽرم نيلامي جا نتيجا اعلان ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، آئي ٽي وزير شزا فاطمه، اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيئرمين پي ٽي اي حفيظ الرحمان سان گڏ 5G اسپيڪٽرم نيلامي جو آغاز ڪيو ۽ ان موقعي تي پي ٽي اي 600 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم نيلامي لاءِ پيش ڪيو. چيئرمين پي ٽي اي جنرل (ر) حفيظ الرحمان پاران 5G اسپيڪٽرم نيلامي جا نتيجا اعلان ڪيا ويا. چيئرمين پي ٽي اي چيو ته اڄ نيلامي جو پهريون مرحلو هو، جيڪو بينڊ الاٽمينٽ لاءِ هو. 700 ميگا هرٽز ۾، اسان وٽ ٽي لاٽ هئا، جن مان ٻه وڪرو ڪيا ويا آهن. 2300 ميگا هرٽز ۾، پنج لاٽ هئا، جن مان سڀئي وڪرو ڪيا ويا. 2600 ميگا هرٽز ۾، 19 لاٽ هئا، جن مان سڀئي وڪرو ڪيا ويا.پي ٽي اي چيئرمين چيو ته 3500 ميگا هرٽز ۾ 28 لاٽ هئا، جن مان 22 لاٽ وڪرو ڪيا ويا، يعني 220 ميگا هرٽز وڪرو ڪيا ويا.پي ٽي اي چيئرمين موجب، هڪ ڪمپني 190 ميگا هرٽز، ٻي ڪمپني 180 ميگا هرٽز ۽ ٽئين ڪمپني 110 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم خريد ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته اسپيڪٽرم نيلامي جي پهرين مرحلي ۾ قيمت 507 ملين ڊالر تي بند ڪئي وئي هئي، ۽ 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي 144.5 بلين رپين ۾ مڪمل ڪئي وئي.انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير شزا فاطمه چيو ته اهو پاڪستان ۾ هڪ تاريخي ڏينهن آهي ته 600 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم نيلامي ڪئي وئي. شازا فاطمه چيو ته ان جي ڪري انٽرنيٽ جي رفتار سست آهي ۽ پاڪستان خطي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسپيڪٽرم تي ڪم ڪري رهيو آهي. آئي ٽي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ فيلڊ مارشل پڻ هر مرحلي کي پار ڪرڻ ۾ اسان جي مڪمل مدد ڪن ٿا.