ايراني حملن جون وڊيوز ٺاهڻ تي بحرين ۾ 5 پاڪستاني گرفتار

مناما(عوامي آواز نيوز)بحرين جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ايراني حملن جون وڊيوز ٺاهڻ ۽ انهن کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ جي الزام ۾ پنج پاڪستاني شهرين سميت ڇهن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔گرفتار ٿيل ماڻهن جا نالا محمد معز اڪبر (پاڪستاني)،افضل خان (پاڪستاني)، احمد ممتاز (پاڪستاني)، محمد اسرافيل مير (بنگله ديشي)، ارسلان علي ساجد (پاڪستاني) ۽ عبدالرحمان عبدالستار (پاڪستاني) ٻڌايا ويا آهن۔بحرين جي گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جوابدارن “ايراني جارحيت” جي فلمبندي ڪئي ۽ ان کي شيئر ڪري “دشمني واري عمل سان همدردي ظاهر ڪئي ۽ ان کي وڌائي پيش ڪيو، جنهن سان سلامتي ۽ امن امان کي نقصان پهتو.”بيان موجب اهي وڊيوز جوابدارن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن ذريعي پکيڙيون، جنهن سبب “شهريَن ۾ غلط فهمي ۽ خوف پکڙجي ويو.”بحرين جي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي پبلڪ پراسيڪيوشن حوالي ڪيو ويو آهي ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

  1. نيب ڪارڪردگي بابت گهرايل اجلاس بنا بحث جي ملتوي

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا) سينٽ جي لا ۽ جسٽس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيب  جي ڪارڪردگي تي بحث ٿيڻو هو پر چيئرمين نيب جنرل (ر)نذير بٽ اجلاس ۾نه آيو ان سان گڏ، نيب بابت وزير اعظم نذير تارڙ  ۽ بئريسٽر عقيل ملڪ  به موجود نه هئا. ته نه وزير اجلاس کي سنجيدگي سان وٺن ٿا ۽ نه ئي جنرل صاحب ان کي سنجيده وٺي ٿواجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيب چيئرمين ٻين ڪم ۾ مصروف هو، جڏهن ته سوال اٿاريو ويو ته ڇا اهڙي اجلاس مان ڪا اهم ڳالهه نڪري سگهي ٿي، خاص ڪري جڏهن نوٽيس 25 فيبروري تي جاري ڪيو ويو هو ۽ چيئرمين کي 10 مارچ جي اجلاس جي اڳواٽ ڄاڻ هئي.پارليامينٽ جي اجلاس ۽ ان جي ڪميٽين کي، وزيراعظم شهبازشريف ۽ ڪجهه اعليٰ عملدارن  طرفان سنجيده نه ورتو پيو وڃي،ان حوالي سان سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.