آمريڪا– اسرائيل- ايران جنگ پنهنجي ڏھين ڏينهن ۾ داخل ٿو چڪو آهي، جنهن علائقائي سلامتي سان گڏ هڪ وسيع ۽ ڳُوڙھي ماحولياتي بحران کي به جنم ڏنو آهي. جڏهن ته عالمي ڌيان گهڻو ڪري فوجي حڪمت عملين، جاني نقصان ۽ سياسي اتحادين جي صف بندين تي مرڪوز آهي، پر هن تڪرار جو اھم ۽ ڊگهي عرصي تائين رهندڙ اثر خطي جي ماحولياتي نظام تي پئجي رهيو آهي. وچ اوڀر جي حساس جاگرافيائي صورتحال ۾ تيل جي اڏاوتي تنصيبن ۽ پاڻي جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ، هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ھوا، پاڻي ۽ زمين کي مستقل طور تي گدلاڻ ۽ زهر ۾ تبديل ڪري رهيو آهي. نتيجي طور، هڪ تڪرار آهستي آهستي هڪ عالمي ماحولياتي گھاوَ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. هي ماحولياتي الميو ڪنهن به جنگ بندي کان پوءِ ختم نه ٿيندو، ڇو ته بارود جي بدبوءِ ختم ٿيڻ کان پوءِ به زهر ٿيل آبي ذخيرا ۽ بنجر زمينون صدين تائين انساني بقا لاءِ چئلينج بڻيل رهنديون.
جنگيون ڪڏهن به فطري ۽ ماحولياتي سرشتن ۾ فرق ناهن ڪنديون؛ اهي ماحوليات کي ان ئي بي رحميءَ سان لتاڙينديون آهن جيئن جنگ جي ميدانن ۾ فوجون لتاڙيون وينديون آهن. اڄ جي هن جديد دور ۾، جتي دنيا موسمي تبديلين سان مقابلو ڪري رهي آهي، اتي هي جنگ حملي ھيٺ آيل تيل جي ذخيرن جي دونهين ۽ گدلاڻ ذريعي ان تباهي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪري رهي آهي. تاريخ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته جنگيون صرف نقشن تي ناهن وڙھيون وينديون، پر ڌرتيءَ جي ڪُکَ ۾ پڻ ويڙھاند ٿئي ٿي، جتي هر ڌماڪو مٽي جي زرخيزي ۽ فضا جي پاڪيزگي کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
فضا جو زهر ۽ ڪاري برسات
موجوده تڪرار ۾ توانائي/ تيل جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ ماحولياتي تباهي جو سڀ کان وڏو سبب بڻجي رهيو آهي. تهران ۽ البرز صوبن ۾ تيل جي ذخيرن ۽ ريفائنرين تي ٿيندڙ حملن سبب فضا ۾ اهڙو دونهون پکڙجي رهيو آهي، جنهن ۾ سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽروجن آڪسائيڊ ۽ ٻيا خطرناڪ ڪيميائي مادا شامل آهن. انهن سان گڏ سوٽ (soot) جا سنھا ذرڙا به وڏي مقدار ۾ ٺھي رھيا آھن. سوُٽ اصل ۾ تيل يا ٻين ٻرندڙ شين جي اڌ ٻرڻ سان پيدا ٿيندڙ ڪاربان جا تمام ننڍڙا ڪارا ذرڙا هوندا آهن، جيڪي دونهين سان گڏ فضا ۾ پکڙجي وڃن ٿا ۽ هوا کي شديد گدلو ڪري ڇڏين ٿا.( جيئن ڪڏھن ٽنڊو محمد خان شگر مل جي ٻارڻ جا ذرڙا ساھن ۾، ۽ اک ۾ ڪٽر تي پوندا ھئا)۔
هتي پولي سائيڪلڪ ايروميٽڪ هائيڊرو ڪاربانز (PAHs) جو ذڪر پڻ اهم آهي. هي اهڙا پيچيده زهريلا مادا آهن جيڪي تيل جي اڌ ٻرڻ سان پيدا ٿين ٿا ۽ انساني جسم ۾ داخل ٿي ساهه جي بيمارين، دل جي مسئلن ۽ ڪينسر جهڙن موذي مرضن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. جڏهن تيل جا کوھ ۽ ذخيرا سڙن ٿا ته اهي رڳو معاشي وسيلن کي تباهه نه ٿا ڪن، پر ان هوا کي به زهر يلو بڻائي ڇڏين ٿا جنهن ۾ ان وقت جي ساھدارن ۽ سندن ايندڙ نسلن کي ساهه کڻڻو آهي.
ان کان به وڌيڪ ڀيانڪ منظر ”ڪاري مس جهڙي برسات“ جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. جڏهن تيل جي باهه مان نڪرندڙ ڪاربان ۽ سوٽ جا ذرڙا بادلن سان ملي وڃن ٿا، تڏهن اهي شفاف پاڻي جي بجاءِ ڪاري يا تيل جهڙي مينھن جي صورت ۾ زمين تي ڪرڻ لڳن ٿا. تهران ۾ ڪجھ ڏينھن کان اِھو ئي ٿي رھيو آھي، اتي خطرناڪ زھر ڀريل گدلاڻ ھوا ۾ قيد ٿي وئي آھي، جنهن ڪري ساهه کڻڻ به خطري کان خالي ناھي. اھا ڪاري برسات جتي به پوي ٿي، اتي فصلن، پاڻي جي ذخيرن ۽ انساني صحت لاءِ خطرناڪ اثر پيدا ڪري ٿي. اهو منظر 1991ع جي خليجي جنگ جي ياد ڏياري ٿو، جڏهن ڪويت جا ٻرندڙ کوهه سڄي خطي جي ھوائن کي گدلو ۽ زھريلو ڪري ڇڏيو هو۔
پاڻي جي سلامتي:
وچ اوڀر جي خشڪ ۽ ريگستاني خطي ۾ پاڻي جي شديد اڻاٺ ھوندي آھي. خليج جي ملڪن، جهڙوڪ سعودي عرب، بحرين ۽ گڏيل عرب امارات جو 70 کان 100 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي ڊيسيلينيشن پلانٽن مان حاصل ڪيو ويندو آهي، جتي سمنڊ جي کاري پاڻي کي صاف ڪري پيئڻ لائق بڻايو ويندو آهي. انهن پلانٽن يا انهن کي توانائي فراهم ڪندڙ مرڪزن تي ٿيندڙ حملن جو مطلب رڳو سرڪاري ڍانچي جي تباهي ناهي، پر لکن ماڻهن کي پاڻي جي کوٽ جي خطري سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڻي جي فراهمي ۾ رنڊڪ نه رڳو اڃ کي جنم ڏئي ٿي، پر بيمارين جي پکيڙ ۽ سماجي بدامني کي به وڌائي ٿي. پھريان ايران ۾ ڊيسلينيشن پلانٽ تي حملو ۽ پوءِ وري بحرين ۾ اھڙو ئي جوابي حملو ھن جنگ جي انتھائي بي رحم پاسن کي ظاھر ڪري ٿو۔ تيل جو سمنڊ ۾ وھڻ ۽ تيزابيتي برسات زيرِ زمين پاڻي جي ذخيرن/ جر کي به زهر يلو بڻائي سگهي ٿي. اهي قدرتي ذخيرا/ائڪيوفر ٻيهر ڀرجڻ ۾ گھڻو وقت وٺندا آهن، تنهن ڪري هڪ دفعو خراب ٿيڻ کان پوءِ ڏهاڪن تائين استعمال جي قابل نٿا رهن.
1991ع جي خليجي جنگ دوران لڳ ڀڳ 11 ملين ( ھڪ ڪروڙ ڏھ لک) بيرل تيل سمنڊ ۾ وهڻ سبب جيڪا تباهي پيدا ٿي هئي، ان جا اثر سالن تائين سامونڊي ماحول ۾ محسوس ڪيا ويا. موجوده حالتون به اهڙي خطري کي ٻيهر جنم ڏئي رهيون آهن.
زمين جو خراب ٿيڻ
جنگ جي نتيجي ۾ زمين جي ماحولياتي حالت کي پهچندڙ نقصان گھڻو ڪري اھڙو ھوندو آهي جنھن جو ازالو نه ڪري سگھبو آھي. تيل ۽ بارود جا ڪيميائي مادا مٽي جي زرخيزي کي مستقل طور بنجر ڪري ڇڏين ٿا. جڏهن تيل زمين تي پکڙجي ٿو ته اهو هڪ سخت تهه ٺاهي ڇڏيندو آهي جنهن کي ”ٽارڪريٽ“ چيو ويندو آهي؛ تيل ۽ واريءَ جو اهو تهه زمين کي سيمينٽ جهڙو بڻائي ڇڏيندو آهي. اهڙي تهه جي ھوندي ٻوٽن جي واڌ ويجهه تقريباً ناممڪن ٿي وڃي ٿي. نتيجي طور زمين نه رڳو پنهنجي پيداواري صلاحيت وڃائي ويهي ٿي، پر مقامي نباتات جو به خاتمو ٿيڻ لڳي ٿو.
زرعي معيشت لاءِ هي هڪ وڏو سانحو آهي، ڇو ته بنجر زمين جو مطلب هارين ۽ مالوند ماڻهن لاءِ معاشي تباهي آهي. خليجي جنگ دوران ڪويت جي ريگستان ۾ وجود ۾ ايندڙ تيل جي ڍنڍن زمين کي سالن تائين ناقابلِ استعمال بڻائي ڇڏيو هو. موجوده تڪرار ۾ به اهڙا منظر ٻيهر ظاهر ٿي رهيا آهن.
بايوڊائورسٽي جو نقصان
جنگ جو هڪ ٻيو اهم پر نظرانداز ٿيندڙ اثر حياتياتي تنوع/ بايوڊائورسٽي تي پوي ٿو. خليج فارس جو سامونڊي ماحول ڪورل ڪريڪ، تمر جا وڻ/ مينگرووز ۽ ڪيترن اڻلڀ سامونڊي جاندارن جو گهر آهي. جڏهن تيل سمنڊ ۾ پکڙجي ٿو ته اهو مڇين ۽ ٻين سامونڊي جاندارن لاءِ موت جو سبب بڻجي سگهي ٿو. تيل جي سمنڊ جي مٿان تهه آڪسيجن جي مٽاسٽا کي روڪي ڇڏيندو آهي، جنهن سان سامونڊي حياتيات جو نظام ھيٺ مٿي ٿيو وڃي. سامونڊي ڪميون، پکي ۽ ٻيا جاندار تيل جي انھي تھہ ۽ گدلاڻ ۾ ڦاسي مري ويندا آھن. اهڙي تباهي پوري خوراڪ جي ڳانڍاپي/ فوڊ چئن تي اثرانداز ٿئي ٿي، جنهن جا ناڪاري اثر مقامي ماهيگيري ۽ علائقائي معيشت تي پوندا آهن.
زمين تي موجود جھنگلي حيات پڻ هن جنگ جو شڪار بڻجي رهي آهي. گدلاڻ سبب سج جي روشني گهٽجڻ سان سامونڊي ۽ ٻين ٻوٽن جو فوٽوسينٿيسز جو عمل متاثر ٿئي ٿو، جنهن سان سڄي ايڪو سسٽم جو توازن خراب ٿي سگهي ٿو.
انساني قيمت: گندلاڻ، لڏپلاڻ ۽ نفسياتي صدمو
ماحولياتي بربادي جو سڀ کان وڏو اثر آخرڪار انسان تي ئي پوي ٿو. زھريلي هوا ساهه جي بيمارين کي وڌائي ٿي، جڏهن ته گدلو ٿيل پاڻي وبائن کي جنم ڏئي سگهي ٿو. ان سان گڏ هڪ وڏو مسئلو ماحولياتي لڏپلاڻ جو به آهي، جنھن جي ڪري ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿين ٿا۔ زمين ۽ پاڻي، جنگ جي اثرن کانپوءِ زندگي لاءِ موزون نه ٿا رهن. اھڙي صورت ۾ لڏپلاڻ اڻٽر ٿيو پوي۔ جنگ کان پوءِ جي بحاليءَ تي اربين ڊالر خرچ ٿيندا آهن، پر ڪجهه نقصان اهڙا هوندا آهن جن کي دولت سان پورو نٿو ڪري سگهجي. جڏهن هڪ نسل بيمارين ۽ غربت ۾ وڌي ٿو ته ان جو اثر پوري معاشري تي پوي ٿو.
امن ئي ڌرتيءَ جي بقا جو واحد رستو
هن تڪرار جي ماحولياتي قيمت جو ٿلھي ليکي تجزيو ٻڌائي ٿو ته هي نقصان رڳو علائقائي نه پر عالمي نوعيت جو آهي. ڪراچي کان تهران تائين هوا ۽ سمنڊ جون لهرون ڪنهن به سياسي سرحد کي ناهن سڃاڻنديون. تاريخ اسان کي خبردار ڪري ٿي ته جيڪي قومون فطرت کي جنگ جو ميدان بڻائينديون آهن، فطرت آخرڪار انهن کي بنجر زمين ۽ زهريلي هوا جي صورت ۾ جواب ڏيندي آهي. امن هاڻي رڳو سياسي يا سفارتي مقصد ناهي، پر ڌرتيءَ جي ماحولياتي بقا لاءِ هڪ بنيادي ضرورت بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن جنگ جون باهيون ائين ئي ٻرنديون رهيون ۽ ڪاري برسات وسندي رهي، ته پوءِ دنيا کي ان جي اهڙي قيمت ادا ڪرڻي پوندي جيڪا ڪنهن به فوجي فتح يا شڪست کان گهڻي وڏي هوندي. ڇو ته حقيقت اها آهي ته جنگيون رڳو شهرن کي ناهن ساڙينديون؛ اهي اسان جي ان گڏيل گهر کي به تباهه ڪنديون آهن، جنهن کي اسان ڌرتي ماءُ سڏيون ٿا.