صحت کاتي خيرپور جا 4 عملدار اڻڄاتل ماڻهن هٿان کنڀجي ويا

خيرپور (رپورٽ: شاهدنواز سيال) ڊي ايڇ او آفيس خيرپور جو آفيس سپريٽنڊنٽ امتياز مڱڻيجو، سينيئر ڪلارڪ فهيم ڀٽي، ڊرگس انسپيڪٽر برانچ سان تعلق رکندڙ سردار وساڻ ۽ ڊسپينسر امتياز سهتو سميت صحت کاتي خيرپور جا 4 عملدار نامعلوم ماڻهن پاران کنڀي گم ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او آفيس خيرپور جي ڪلارڪ فهيم ڀٽي ۽ امتياز منڱڻيجو جي وارثن سندن مبينا گمشدگي جي تصديق ڪندي چيو ته اي سيڪشن، بي سيڪشن، سي سيڪشن سميت خيرپور جي مختلف ٿاڻن تي ڳولا ڪرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو ناهي ملي سگهيو، وارثن اهو پڻ ٻڌايو ته ڇنڇر ڏينهن ڊي ايڇ او آفيس خيرپور جي موڪل هجڻ ڪري ڊي ايڇ او آفيس جا عملدار بي سيڪشن ٿاڻي جي لقمان ڀرسان ٽائون شپ ۾ فهيم ڀٽي جي جڳهه تي آيل هئا، جتان اڻڄاتل ماڻهن هٿان چارئي صحت کاتي خيرپور جا عملدار کنڀي گم ڪيا ويا، جنهن ڪري وارث سخت پريشان آهن، ٻئي طرف ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر برڪت ڪانهر سان رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر برڪت ڪانهر جو چوڻ هو ته ڊي ايڇ او آفيس خيرپور جي آفيس سپريٽنڊنٽ امتياز مڱڻيجو جي ڀاءُ فون ذريعي امتياز بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ سندن موبائل فون بند هجڻ جو ٻڌايو وڌيڪ ڪا به ڄاڻ ناهي ملي سگهي، ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙن فهيم ڀٽي جي جڳهه تي ڇاپو هڻي صحت کاتي جي 4 عملدارن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.