ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڊجيٽل انشورنس مانيٽنگ سسٽم فعال ٿي ويو، گاڏين جي ٿرڊ پارٽي انشورنس لازمي قرار ڏني وئي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته صوبي ۾ سڀني گاڏين لاءِ ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس لازمي قرار ڏني وئي آهي، جنهن کي روڊ حادثن جي متاثر ٿيلن جي تحفظ ۽ روڊ سيڪيورٽي بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو ويو آهي، نئين پاليسي موجب سنڌ ۾ ڪنهن به گاڏي جي رجسٽريشن نه ڪئي ويندي ۽ نه ئي ٽوڪن ٽيڪس وصول ڪيو ويندو جيستائين صحيح ٿرڊ پارٽي انشورنس پاليسي موجود نه هجي، هي فيصلو سنڌ موٽر وھيڪل آرڊيننس ۾ ترميم کان پوءِ ڪيو ويو آهي، جنهن تحت انشورنس کي لازمي بڻائڻ لاءِ نئين شق شامل ڪئي وئي آهي، حڪومت هڪ ”نو فالٽ ڪمپينسيشن سسٽم، جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت روڊ حادثن جي متاثرن يا سندن خاندان کي اهو ڏسڻ کانسواءِ مالي مدد ملندي ته حادثي جو ذميوار ڪير هو. نئين نظام موجب روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي وارثن کي ست لک رپيا ملندا جڏھن تھ مستقل معذوري وارن ماڻهن کي پنج لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته هي اپاءُ روڊ حادثن جي متاثر خاندانن کي مالي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ آهي، روڊ حادثن جي متاثرن کي مالي تحفظ فراھم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. هي قانون يقيني بڻائيندو ته ڏکئي وقت ۾ متاثر خاندان اڪيلو نھ آھي، شفافيت ۽ قانون جي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ ۾ پاڪستان جو پهريون ڊجيٽل انشورنس مانيٽرنگ سسٽم شروع ڪيو ويو آهي.