ايران پاران ڪيترائي آمريڪي فوجي قيدي بڻائڻ جي دعويٰ

تهران/واشنگٽن (م ڊ) ايران جي قومي سلامتي ڪونسل جي سيڪريٽري جنرل علي لاريجاني دعويٰ ڪئي آهي ته تازي ڇڪتاڻ دوران ايراني فورسز ڪيترن ئي آمريڪي فوجين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. تهران ۾ بيان ڏيندي هن چيو ته کيس اطلاع مليا آهن ته ڪجهه آمريڪي فوجي هن وقت ايراني فورسز جي تحويل ۾ آهن. علي لاريجاني وڌيڪ چيو ته خطي جا ملڪ هاڻي سمجهي ويا آهن ته آمريڪا کين سلامتي نٿو ڏئي سگهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پاڙيسري ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏا ايران خلاف استعمال ڪيا ويا ته ايران کي پنهنجي دفاع جو پورو حق حاصل هوندو. سندس چوڻ هو ته ايران آبنائي هرمز کي بند ناهي ڪيو، پر جنگي صورتحال سبب اتي اچ وڃ متاثر ٿي آهي. هن واضح ڪيو ته ايران جنگ نٿو چاهي، پر جارحيت ڪندڙن کي سخت جواب ڏنو ويندو. ٻئي پاسي آمريڪا جي ٽرمپ انتظاميا ايران جي ان دعويٰ کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪجهه آمريڪي فوجي ايراني فورسز جي قبضي ۾ آهن. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ  اهڙي دعويٰ کي بي بنياد پروپيگنڊا قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.