تهران (پ ر) اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان ايران مٿان حملن تي ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي ڪميونسٽ پارٽين گڏيل بيان جاري ڪندي چيو آهي ته نيتن ياهو جي حڪومت ۽ آمريڪي سامراج پاران ايران خلافشروع ڪيل جنگ هڪ وسيع جنگ کي جنم ڏنو آهي، جيڪا سڄي خطي ۽ عوام لاءِ وڌيڪ تباهي ۽ شهري نقصان جو سبب بڻجي رهي آهي، بيان موجب اها جارحيت عوام جي مفادن، آزادي، خودمختياري ۽ حقِ خود اراديت جي خلاف آهي ۽ خطي تي قبضو ۽ ڪنٽرول قائم ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ٽرمپ انتظاميه طرفان ڪنهن به خودمختار ملڪ ۾ ”حڪومت جي تبديلي“ جو اعلان عالمي قانون ۽ اصولن جي سخت ڀڃڪڙي آهي ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي هر نئين جنگ سان هي خطرو وڌي رهيو آهي، فلسطين، عراق، ليبيا، شام، سوڊان، لبنان ۽ دنيا جي ڏکڻ وارن حصن ۾ سامراجي تجربن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، حقيقتي آزادي ۽ آمريت کان نجات عوام جي جدوجهد ۽ وطن دوست قيادت ذريعي ئي ممڪن آهي، بين الاقواميت پسند ڪميونسٽ پارٽيون پنهنجي ملڪن ۾ استحصال ۽ جبر خلاف حقيقتي آزادي جي خواهشمند سڀني قوتن ۽ دنيا جي امن پسند ۽ ترقي پسند قوتن کي دعوت ڏين ٿيون ته اهي هن فيصلو ڪندڙ لمحي ۾ متحد ٿين ۽ جنگ ۽ جارحيت خلاف جدوجهد ڪن.