انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ ميڊيا خلاف ڪريڪ ڊائون،ڪامن ويلٿ پاران پاڪستان کان وضاحت طلب؟

اسلام آباد(علي مصطفيٰ)ڪامن ويلٿ منسٽرز  پاڪستاني حڪومت کان تمام وڏي گهر ڪئي آهي. پاڪستاني  حڪومت کي طلب ڪري وضاحت ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ته انساني حقن جون ڀڃڪڙيون  ۽ ميڊيا جي آزادي تي ڪريڪ ڊائون ڇو ڪيو پيو وڃي؟شروع ۾، ڪامن ويلٿ پاڪستان ۾ چونڊن بابت پنهنجي رپورٽ دٻائي ويٺي هئي، پر هاڻي هن صورتحال ۾ وڏي تبديلي آئي آهي،اڳوڻي سيڪريٽري جنرل، پئٽرشيا اسڪٽلينڊ، پاڪستاني حڪومت سان ويجهڙائي ۾ هئي ۽ ڪامن ويلٿ پاڪستان کي وڏي حد تائين سپورٽ ڪري رهيو هو. ان وقت، سيڪريٽري جنرل بار بار وزيراعظم سان ملندي رهي، ۽ سالياني بنياد تي ميٽنگون ٿينديون رهيون. بعد ۾ هڪ رپورٽ ميڊيا جي جاري ٿي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته انهن چونڊن جي رپورٽ کي ڪيئن لڪايو پيو وڃي، ۽ سيڪريٽري جنرل تبديل ٿي وئي. ڪامن ويلٿ  ۾ اهو مسئلو وڏي سطح تي پهچي ويو ۽ انهن کي پنهنجي عمل تي وضاحت ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويواهو به انڪشاف ٿيو هو ته  ڪيئن حڪومت پاڪستان طرفان تحفا ڏنا ويا هئا ۽ ڪيئن رپورٽ لڪائڻ ۾ ڳٺ جوڙ ڪيو ويو، هاڻي ڪامن ويلٿ جي  ڪجهه ميمبرن، پاڪستان جي وزيراعظم کي وضاحت لاءِ گهرايو آهي، جڏهن ته پاڪستاني وزيراعظم جي جاءِ تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي ڪامن ويلٿ جي اجلاس ۾ نمائندگي ڪرڻي هئي پر هن ايران جنگ سبب شموليت کان معذرت ڪئي آهي هن جي جاءِ تي لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل نمائندگي ڪندو،اجلاس ۾فوجي عدالتن،تازين آئيني ترميمن سان عدليه کي محدود ڪرڻ،سياسي آزاديون محدود ڪرڻ ۽  عمران خان جو معاملو به بحث هيٺ ايندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.