تهران(م ڊ)ايران جي صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي گذريل ڏينهن واري بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته دشمن سندس ڳالهين جو غلط مطلب ڪڍيو آهي۔پنهنجي نئين وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته دشمن چاهي ٿو ته ايران کي مسلمان ۽ پاڙيسري ملڪن سان جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيو وڃي،ايراني صدر هڪ وڊيو پيغام ۾ انهن پاڙيسري ملڪن کان معافي پڻ گهري هئي، جيڪي ايران جي حملن جو نشانو بڻيا آهن،هن وڌيڪ چيو ته ايران جي پاليسي علائقي ۾ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ آهي، پر آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪاررواين سبب صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي آهي،هن وڌيڪ چيو ته ايران دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ دفاعي حڪمتِ عملي تي عمل ڪري رهيو آهي۔هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن خليجي ملڪن ۾ ايراني ڊرون حملن ۽ اسرائيلي فضائي ڪاررواين سبب ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي۔ايران طرفان پاڙيسري ملڪن کي يقين ڏياريو ويو آهي ته جيڪڏهن اهي ايران تي سڌي حملي جو حصو نه بڻبا ته انهن کي نشانو نه بڻايو ويندو۔