ايراني حملن تي دفاع جو حق رکون ٿا: امارات

دبئي(عوامي آواز نيوز)متحدہ عرب امارات هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو ايران جي ظالماڻي جارحيت ۽ بنا جواز ڪارروائي خلاف پنهنجي بچاءَ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي،پرڏيهي ترجمان چيو ته ايران متحده عربامارات تي 1,400 کان وڌيڪ ڊرون حملا ڪيا آهن، جن جي نتيجي ۾ شهري جاني نقصان به ٿيو آهي،اهي حملا بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهن ۽ ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي حملو تصور ڪيا وڃن ٿا۔بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته امارات ڪنهن به نئين تڪرار يا ڇڪتاڻ ۾ شامل ٿيڻ نٿو چاهي، پر اهو واضح ڪيو ويو آهي ته بين الاقوامي قانون تحت ملڪ کي پنهنجي خودمختياري ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر ضروري قدم کڻڻ جو مڪمل حق حاصل آهي،ٻئي پاسي گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته مهرباني ڪري محفوظ هنڌن تي رهو ۽ سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل خبردارين ۽ هدايتن تي عمل ڪريو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.