چين جو آمريڪا ۽ اسرائيل کان ايران تي حملا فوري روڪڻ جو مطالبو

بيجنگ (م ڊ) چين پاران ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي سخت مخالفت ڪندي انهن کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. چيني پرڏيهي وزير وانگ اي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي تههي جنگ ٿيڻ ئي نه کپي ها، ڇاڪاڻ ته طاقت جو استعمال ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. وانگ اي وڌيڪ چيو ته ايران ۾ حڪومت جي تبديليءَ واري منصوبي کي ڪا به مقبوليت نه ملي آهي. چين پاران ايران ۽ نار وارن ملڪن جي سلامتي ۽ خودمختاريءَ جو احترام ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي ته جيئن جنگ کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. ياد رهي ته ان کان اڳ روس پڻ انهن حملن جي مذمت ڪندي جنگ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي. چين موجب وڏن ملڪن کي خطي ۾ امن لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.