رياض (م ڊ) وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ سعودي عرب پهرين ڀيرو ايران کي سڌي ريت جوابي ڪارروائي جي سخت وارننگ ڏني آهي. برطانوي خابرو اداري موجب، سعودي اختيارين تهران کي واضح پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن مملڪت جي سلامتي يا تيل جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو ته رياض خاموش نه رهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ سعودي عرب ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار جو سفارتي حل چاهي ٿو، پر جيڪڏهن حملن جو سلسلو جاري رهيو ته رياض آمريڪي فوج کي پنهنجا فوجي اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي غور ڪري سگهي ٿو. ٻئي طرف، ايران جو موقف آهي ته سندس حدف نار وارا ملڪ نه پر خطي ۾ موجود آمريڪي مفاد آهن.