تهران/تل ابيب/واشنگٽن (م ڊ) وچ اوڀر ۾ جاري جنگ ٻئي هفتي ۾ داخل ٿي وئي آهي، جتي آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي مختلف شهرن اصفهان ۽ نجف آباد تي سخت فضائي حملا ڪيا آهن. ايراني اختيارينموجب انهن حملن ۾ وڏي پئماني تي شهري آباديءَ کي نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين گهر ۽ ڪيترائي اسڪول تباهه ٿي ويا آهن. اسرائيل لبنان ۾ هڪ رهائشي عمارت کي تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻارن سميت 20 شهري مارجي ويا. اسرائيل 80 ايراني جنگي جهازن کي تباهه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي. ريڊ ڪريسنٽ موجب، جنگ جي شروعات کان وٺي ايران ۾ 5535 رهائشي يونٽ، 1041 ڪمرشل يونٽ، 14 طبي مرڪز، 65 اسڪول ۽ 13 ريڊ ڪريسنٽ سينٽرن کي نشانو بڻايو ويو آهي. حملن ۾ شهيدن جو انگ 1300 کان وڌيڪ آهي جن ۾ 30 سيڪڙو معصوم ٻار آهن. لبناني اختيارن موجب، لبنان تي اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 394 ٿي ويو، جن ۾ 83 ٻار به شامل آهن. ايران پاران اسرائيل تي ڪيل ميزائل حملن کانپوءِ سڄي اسرائيل ۾ خطري جا سائرن گونجي اٿيا آهن. سندن دفاعي نظام ايراني ميزائلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، شهرين کي سختي سان هدايت ڪئي وئي ته اهي شيلٽرز ۽ ٻين محفوظ هنڌن تي پناھ وٺن. ذريعن موجب، ايران جي ميزائل حملن سبب 1900 کان وڌيڪ ماڻهو اسرائيل جي اسپتالن ۾ داخل ٿيا آهن جڏهن ته ميڊيا ڪوريج تي سخت پابندي لڳائي وئي آهي. پاسداران انقلاب موجب، گذريل ڏينهن ڪارروائي دوران آمريڪا جا 4 دفاعي نظام تباهه ڪيا ويا. ايران دعويٰ ڪئي آهي ته جوابي ڪارروائي ۾ 220 آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي کي قيدي بڻايو ويو آهي، پر آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ان دعويٰ کي پروپيگنڊا قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه علي لاريجاني چيو آهي ته آمريڪي اهلڪار سچ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايراني بيان کي رد ڪيو. ٻئي طرف، اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي فضائي حدود تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ايران ۾ رجيم چينج لاءِ منصوبو موجود آهي. ان سان گڏوگڏ آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي افزوده يورينيم کي قبضي ۾ وٺڻ يا بي اثر بڻائڻ لاءِ اسپيشل فورسز موڪلڻ تي غور ڪري رهيا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي افزوده يورينيم جي ذخيرن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ لاءِ آمريڪي فوج موڪلڻ جو اشارو ڏنو آهي. انٽرويو ڏيندي ٽرمپ چيو ته ايران کي ايٽمي هٿيارن کان پري رکڻ لاءِ سڀ آپشن غور هيٺ آهن. آمريڪي صدر واضح ڪيو ته ايران جو جيڪو به نئون سپريم ليڊر چونڊيو ويندو، ان کي آمريڪا کان منظوري وٺڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته آيت الله علي خامنه اي جي جاءِ وٺندڙ ڪو به شخص گهڻي وقت تائين پنهنجي عهدي تي نه رهي سگهندو. ٽرمپ جو چوڻ هو ته هو ايران ۾ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جيڪا آمريڪا لاءِ خطرو نه بڻجي، ۽ هو پراڻي ايراني حڪومت (رضا شاهه پهلوي جي دور) سان تعلق رکندڙ ڪنهن شخص کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به پاڙيسري ملڪ جي زمين ايران خلاف استعمال ٿي ته سخت جواب ڏنو ويندو. ايراني صدر مسعود پزشڪيان آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت خبردار ڪندي چيو آهي ته ايران جي خلاف دشمنن جو خواب جلد ئي هڪ ڀوائتي خواب ۾ تبديل ٿي ويندو. پنهنجي تازي بيان ۾ هن واضح ڪيو ته ايران پنهنجي سرزمين جي دفاع لاءِ پوري طاقت سان بيٺو آهي ۽ ڪنهن کي به ملڪ جي هڪ انچ زمين تي قبضي جي اجازت نه ڏني ويندي. صدر مسعود پزشڪيان پاڙيسري ملڪن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ جي سرزمين ايران خلاف استعمال ڪئي وئي ته هو جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور هوندا، جنهن کي دشمني بدران دفاعي ردعمل سمجهيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل خطي جي ملڪن کي هڪ ٻئي جي خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايران پنهنجي تمام برادر پاڙيسري ملڪن سان بهترين لاڳاپا چاهي ٿو. هن يقين ڏياريو ته ايران ڪنهن به دٻاءُ اڳيان نه جهڪندو ۽ پنهنجي خودمختاريءَ تي ڪا سوديبازي نه ڪندو. ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي صدر کي سخت لفظن ۾ خبردار ڪندي چيو آهي ته ايران ڪنهن به قسم جي جنگ يا ڇڪتاڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. هن چيو ته ايراني صدر پاران تڪرار گهٽائڻ جي ڪوششن کي ٽرمپ جي غلط فهمي سبب نقصان پهتو آهي. عراقچي وڌيڪ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم آمريڪا کي پنهنجي مقصدن لاءِ جنگ ۾ ڌڪي رهيو آهي ۽ هي جنگ رڳو اسرائيل جي مفادن کي اڳيان رکندڙن جي پسند آهي. لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله دعويٰ ڪئي آهي ته انهن اسرائيلي شهر حيفا ۾ واقع بحري فوج جي اڏي کي ڪيترن ئي ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي. حزب الله موجب تل ابيب جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع تل هاشومر اڏي تي پڻ خاص ميزائلن سان حملو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سرحد ويجهو لبناني ڳوٺ مرڪبا وٽ اسرائيلي فوجي گاڏين جي هڪ گروهه کي پڻ نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته انهن دبئي مرينا ۾ هڪ آمريڪي فوجي مقام کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو آهي. دبئي ميڊيا آفيس موجب هڪ ٻئي واقعي ۾، دبئي جي علائقي البرشا ۾ فضائي دفاعي نظام جي ڪارروائي دوران ڊرون جو ملبو هڪ گاڏيءَ تي وڃي ڪريو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏيءَ کي باهه لڳي وئي. هن افسوسناڪ حادثي ۾ ملبي ۾ اچڻ ڪري هڪ پاڪستاني شهري فوت ٿي ويو آهي. سعودي عرب جي علائقي الخرج ۾ هڪ رهائشي علائقي تي بارودي مواد ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. اڃا تائين اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته اهو مواد ڪهڙي قسم جو هو يا اهو ڪهڙي طرف کان فائر ڪيو ويو هو.