پاڪستان لاءِ ٽي چئلينج

تحرير: فيصل مسعود

صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم جنگيون ختم ڪرڻ ۽ آمريڪا فرسٽ جي واعدن تي هلائي هئي. ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي تازي حملي آمريڪا فرسٽ جي نعري کي ڄڻ پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائي ڇڏيو آهي. صحافي پيئرز مورگن سان ڳالهائيندي مهدي حسن چيو ته اسان جهڙن ماڻهن به اهو تصور نه ڪيو هو ته ٽرمپ دنيا ۾ اهڙي پيماني تي جارحيت جو آغاز ڪندو. هڪ قاتلاڻو حملو ۽ ايپسٽن فائلز جي معاملي سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو به اعتراف ڪيو آهي ته اسان ايران تي حملو ان ڪري ڪيو ڇاڪاڻ ته اسرائيل پاڻ حملو ڪرڻ وارو هو. ان کان اڳ اسرائيل کي آمريڪا جو لاڏلو ٻار چيو ويندو هو، پر هاڻي ڪجهه حلقن ۾ چيو پيو وڃي ته آمريڪا پاڻ اسرائيل جي هڪ پراڪسي بڻجي ويو آهي. 43 سيڪڙو ريپبلڪن به سمجهن ٿا ته ايران خلاف حملو هڪ سنگين غلطي هئي.

اهو سچ آهي ته دنيا ۾ نام نهاد رول بيسڊ ورلڊ آرڊر جو تصور حقيقت ۾ ڪڏهن به موجود نه رهيو. هاڻي جيڪڏهن چيو وڃي ته آمريڪا دنيا ۾ طاقت جي ناجائز استعمال جو مرڪز بڻجي ويو آهي ته اها به غلط ڳالهه نه هوندي. نائن اليون ۾ ٽن هزار بيگناهه شهرين جي قتل کان پوءِ آمريڪا لاءِ جيڪا همدردي پيدا ٿي هئي، هاڻي چيو پيو وڃي ته ڪنڊوليزا رائس سميت نيو ڪنزرويٽو گروهه وڏي سنگدلي سان انهن عالمي جذبن مان ناجائز فائدو وٺندي ست ناپسنديده مسلمان رياستن ۾ آمريڪي ڪٺ پتليون مسلط ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. هڪ پٺيان ٻي رياست تباهه ٿيڻ کان پوءِ هاڻي ايران کي نشانو بڻايو ويو آهي. سڀ ڄاڻن ٿا ته ايران تي حملي پٺيان نه ته نيوڪليئر هٿيارن جو حقيقي خطرو هو، نه ئي ايران کان آمريڪا کي ڪو سڌو سنئون خطرو هو ۽ نه ئي آزادي يا جمهوريت جا نعرا حقيقي سبب هئا. اهو سڀ ڪجهه دراصل صهيوني قوتن جي خواهشن مطابق ايران ۾ رجيم چينج لاءِ ڪيو پيو وڃي.

پاڪستان آمريڪي ڊيپ اسٽيٽ جي مبينا فهرست ۾ شامل ناهي. پر هاڻي ڪجهه حلقا اهو خوف ڦهلائي رهيا آهن ته شايد ايندڙ نشانو پاڪستان هجي. تنهن ڪري پاڪستان جي وزير دفاع هڪ ٽويٽ ۾ قوم کي چيو آهي ته سلامتي کي درپيش خطرن کي نظر ۾ رکندي سڀ اختلاف وساري هڪ ٿي وڃن. وزير دفاع جي هن نيڪ خواهش سان اختلاف ڪرڻ ممڪن ناهي. پر اها به حقيقت آهي ته اسان جي قومي سلامتي کي ٻاهرين دشمنن کان وڌيڪ خطرو پنهنجن غير اخلاقي ۽ غير جمهوري روين مان آهي. قومي يڪجهتي جي نالي تي هڪ غير مقبول حڪومتي بندوبست کي هميشه لاءِ عوام تي مڙهي ماڻهن کي هڪ لڙي ۾ پوئڻ ممڪن ناهي. جڏهن ته ملڪ جي 80 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪندڙ اپوزيشن خلاف جبر ۽ ناانصافين جو سلسلو جاري آهي، تڏهن قومي اتحاد جون ڳالهيون رڳو سياسي شعبده بازي لڳن ٿيون. لڳي ٿو ته حڪمران ڌر صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ملندڙ مسلسل ذاتي تعريف کان پوءِ اپوزيشن سان معاملا سلجهائڻ ۾ ڪا جلدي محسوس نٿي ڪري. تنهن ڪري موجوده خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو گهر ٺيڪ ڪرڻ بدران ٻين تي ڀاڙڻ جي روش ڇڏڻ اسان لاءِ پهريون وڏو چئلينج آهي.

ٻيو وڏو چئلينج قومي سلامتي جي حوالي سان هڪ ئي وقت ڪيترن محاذن جو گرم ٿيڻ آهي. افغان فورسز خلاف پاڪستان جي فوج جي بروقت ڪارروائي ۽ ڪاميابيون ڪا غير متوقع ڳالهه نه آهن. هي صلاحيت اسان ڏهاڪن جي محنت ۽ قوم جي قربانين سان حاصل ڪئي آهي. پهرئين مرحلي ۾ افغان فورسز کي پوئتي ڌڪي انهن کي سخت نقصان پهچايو ويو آهي. پر ٻئي مرحلي ۾ اسان کي هڪ ڊگهي ۽ بغير چهري واري جنگ لاءِ تيار رهڻو پوندو. طالبان جو سڀ کان ڪارگر هٿيار دهشتگردي آهي. هن ڏکئي مرحلي ۾ اسان جو پنهنجو تجربو ٻڌائي ٿو ته ڪاميابي لاءِ مقامي آبادي جي جنگ ۾ شموليت ضروري هوندي آهي. قندار ۾ موجود هيبت الله اخوندزاده جي نمائندن مطابق طالبان جو سپريم ڪمانڊر ٽي ٽي پي جي ڪاررواين جي حمايت نٿو ڪري ۽ نه ئي ڪابل جي حڪمرانن جي پاڪستان مخالف پاليسي سان متفق آهي. لڳي ٿو ته پاڪستان به ڪابل ۾ رجيم چينج نٿو چاهي، پر رڳو دٻاءُ برقرار رکڻ چاهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ دهشتگردن جي سرپرستن خلاف فيصلائتي ڪارروائي کان پوءِ پاڪستان جي پهرين ترجيح افغان طالبان سان ڳالهين جا دروازا کولڻ هجڻ گهرجن.

ٻئي طرف بلوچستان جو محاذ به ڪافي پيچيده ٿي چڪو آهي، پر خوش قسمتي سان مسئلو ايترو غير واضح ناهي. جيڪڏهن مقامي ماڻهن جا جمهوري حق ۽ وسيلن ۾ سندن حصيداري يقيني بڻائي وڃي ته اڃا به مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. بلوچ ماڻهو پنهنجي عزت ۽ وقار تي سوديبازي نٿا ڪن، تنهن ڪري سخت زبان ۽ ڌمڪي ڀريو لهجو مسئلن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو. انهن ٻنهي محاذن تي ڀارت جي مداخلت ڪنهن کان لڪيل ناهي. ڀارت جي حوالي سان اهو سوال به اٿاري سگهجي ٿو ته وڏو ميان صاحب آخر ڪهڙي ڪم جو آهي؟ ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نواز شريف هميشه اهو اعتراض ڪندو رهيو آهن ته ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ ڀارت سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي سندن ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي رهي آهي. هاڻي جڏهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان سندن ذاتي لاڳاپا موجود آهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تلخي گهٽائڻ لاءِ ڪهڙي رنڊڪ آهي؟ ڀارت هڪ وڏي معيشت آهي ۽ دنيا سان ان جا لاڳاپا گهڻ رخي آهن. ڀارت سان دائمي دشمني پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي.عراق جيان رجيم چينج ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي چيو پيو وڃي ته آمريڪا ڪردن ۽ بلوچن کي بغاوت لاءِ اُڀاري رهيو آهي. اهڙي ڪنهن به رجيم چينج جي ڪوشش اندرين ۽ ٻاهرين محاذن تي الجهيل پاڪستان لاءِ سٺو سنوڻ نه هوندو.

ايران تي آمريڪي حملي کان پوءِ پاڪستان جي معيشت تي پوندڙ دٻاءُ اسان لاءِ ٽيون وڏو چئلينج آهي. اهي دوست ملڪ، جن کان اسان مالي رول اوور وٺندا رهيا آهيون، هاڻي پاڻ مشڪلاتن ۾ آهن. اسان جو انرجي سيڪٽر اڳ ئي قومي معيشت لاءِ هڪ ناسور بڻيل آهي. خليجي جنگ جي نتيجي ۾ گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ شديد واڌ هڪ اهڙي معيشت لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، جيڪا اڳ ئي بي ساکين تي بيٺل آهي. ماضي جو تجربو ٻڌائي ٿو ته حڪمرانن جي عياشي، نااهلي ۽ منافعي خوري جو بار آخرڪار عام پاڪستانين تي وڌو ويندو، جڏهن ته عوام جي وڏي اڪثريت اڳ ئي مهانگائي جي ناقابل برداشت بار هيٺان دٻيل آهي.

ان سان گڏ پاڪستان جي محدود پر اهم ٻاهرين واپار تي به اثر پئجي سگهي ٿو. غربت ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جو امڪان به موجود آهي. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جنهن درجي جي قيادت جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان اسان ان کان محروم نظر اچي رهيا آهيون. موجوده حڪمران نه رڳو عوامي نمائندگي کان محروم آهن، پر سندن چهرا، رهڻي ڪهڻي ۽ رويو به اهڙو نظر اچي ٿو جنهن ۾ قومي فڪر ۽ ذميواري جو احساس گهٽ محسوس ٿئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.