تهران/واشنگٽن (م ڊ) ايراني صدر مسعود پزيشڪيان هڪ سادي سيٽنگ ۾ غير تحريري خطاب ڪندي پاڙيسري ملڪن کان گذريل ڏينهن دوران ٿيل حملن تي معافي گهري ورتي آهي. هن وضاحت ڪئي ته ڪجهه حملا اڳواٽ جاري ڪيل پنهنجي مرضي سان فائر وارن حڪمن سبب ٿيا، پر هاڻي هٿياربند فوج کي پاڙيسري رياستن کي نشانو بڻائڻ کان روڪيو ويو آهي، شرط اهو آهي انهن جي سرزمين ايران خلاف استعمال نه ٿئي. پزيشڪيان غير مشروط هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري تاثر کي رد ڪندي چيو ته ايران آخري دم تائين وڙهندو. ٻئي طرف، ايران جي اندر سخت گير حلقن هن خطاب تي تنقيد ڪندي ان کي ڪمزوري قرار ڏنو آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ان کي ايران پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اشارو قرار ڏنو آهي. هي صورتحال ايران جي عبوري قيادت تي وڌندڙ دٻاءُ جي عڪاسي ڪري ٿي. ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته مسلسل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن سبب ايران پنهنجي پاڙيسري ملڪن کان معافي گهري ورتي آهي ۽ واعدو ڪيو آهي ته هو هاڻي انهن تي حملا نه ڪندو.