بلوچستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، 15 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي/ڪوئيٽا (م ڊ) پاڪستاني فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ شدت پسندن  خلاف ڪارروائي ڪندي 15 انڊين اسپانسرڊ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. هرنائي ضلعي ۾ ڳجهن اطلاعن تي ڪيل آپريشن دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته بسيما ۾ ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد ماريا ويا. مارجي ويلن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ بارود ۽ جديد اسلحو هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هي ڪارروايون وفاقي ايبڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل عزمِ استحڪام ويزن جو حصو آهن، جنهن جو مقصد ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ آهي. علائقي ۾ وڌيڪ سرچ آپريشن اڃا تائين جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.