لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي اڳواڻ سراج الحق سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هڪ طرف اشرافيا لاءِ اربين رپين جون مراعتون، پروٽوڪول ۽ شاهي طرزِ زندگي برقرار آهي، ته ٻئي طرف مهانگائيءَ جو سمورو بار غريب عوام تي وڌو ويو آهي. هن چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ تازو اضافو حڪومت جي معاشي پاليسين جي ناڪامي ۽ نااهلي جو چٽو ثبوت آهي.