واشنگٽن/نئين دهلي (م ڊ) آمريڪا، ڀارت کي روسي خام تيل خريد ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جي عارضي رعايت ڏئي ڇڏي آهي. هيءُ قدم وچ اوڀر ۾ تڪرار جي ڪري تيل جي عالمي سپلاءِ متاثر ٿيڻ کانپوءِ کنيو ويو آهي، ته جيئن مارڪيٽ ۾ تيل جي کوٽ کي گهٽائي سگهجي. ياد رهي ته گذريل مهيني آمريڪا پاران ڀارت تي روسي تيل خريد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ 25 سيڪڙو اضافي ٽيرف لڳايو ويو هو. آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ موجب، هي رڳو هڪ عارضي رليف آهي ته جيئن سمنڊ ۾ ڦاٿل تيل جا جهاز منزل تي پهچي سگهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت وٽ هن وقت 45 ڏينهن جو تيل ذخيرو موجود آهي، پر جيڪڏهن خليج ۾ جنگ ڊگهي ٿي ته صورتحال سنگين ٿي سگهي ٿي.