واشنگٽن (م ڊ) ڏکڻ ايران جي شهر ميناب ۾ اسڪول تي حملو معصوم شاگردياڻين جي شهادت جو وڏو واقعو آهي. ان وقت آمريڪي ۽ اسرائيلي حملا ڪيا ويا هئا جنهن دوران 175 شهري شهيد ٿي ويا هئا. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز موجب سيٽلائيٽ تصويرن ۽ وڊيوز مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسڪول جي عمارت کي باقاعده نشانو بڻايو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي حملو ان وقت ٿيو جڏهن پاسدارانِ انقلاب جي ويجھي بحري اڏي کي نشانو بڻايو پئي ويو. جيتوڻيڪ ڪنهن به ڌر ذميواري قبول ناهي ڪئي، پر آمريڪي اختيارين پاران علائقي ۾ بحري هدفن تي حملن جي اعتراف کانپوءِ شڪ وڌي ويو آهي ته اسڪول تي حملو آمريڪي ڪارروائي جو حصو ٿي سگهي ٿو، جيڪو شايد پراڻي انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي غلطي سان ٿيو هجي.