اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو اعلان ڪيو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 55 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 321 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ به 55 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 335 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويون. نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ۽ وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان گڏ ميڊيا بريفنگ ۾، علي پرويز ملڪ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 55، 55 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪيو. وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ پيٽروليم واري وزير مملڪتي علي پرويز ملڪ چيو آهي ته موجوده غير معمولي علائقائي صورتحال جي باوجود، پاڪستان جي معاشي حيثيت مستحڪم آهي، جڏهن ته عالمي حالتن جي ڪري، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي ۽ حڪومت مسلسل صورتحال جي نگراني ڪري رهي آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ڪو به انتشار ناهي ۽ حڪومت سڀني معاملن کي سنجيدگي سان ڏسي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ گذريل ٻن کان ٽن ڏينهن کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۽ عالمي صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو پيو وڃي ته جيئن عوام تي ان جو اثر گهٽ ۾ گهٽ ٿي سگهي. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تقريبن 70 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اسحاق ڊار موجب، وچ اوڀر ۾ موجوده صورتحال اڃا تائين مستحڪم نه ٿي آهي ۽ خطي ۾ جاري تڪرار جي ڪري عالمي توانائي مارڪيٽ متاثر ٿي رهي آهي. حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 55 رپيا واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 321.17 رپيا ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 335.86 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال تي تيل مهانگو ٿيڻ کي ڏسندي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن جي هفتيوار تعين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. حڪومت ڪورونا جهڙي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته پيٽروليم شين ۽ آر ايل اين جي جي طلب کي گهٽائڻ لاءِ هڪ مرحليوار توانائي جي بچاءُ واري منصوبي ۽ نئين قيمت جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. هن منصوبي تحت، پيٽروليم شين جي قيمتن کي هر هفتي ترتيب ڏنو ويندو. سرڪاري اجلاس فاصلاتي طور تي منعقد ڪيا ويندا ۽ پهرين مرحلي ۾، ڪووڊ-19 وبا دوران اختيار ڪيل طريقيڪار جي طرز تي موڪلن جو تعداد وڌايو ويندو. حڪومت ان سلسلي ۾ پهرين، ٻئي ۽ ٽئين مرحلي تي مشتمل هڪ حڪمت عملي تيار ڪئي آهي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين جي اسٽاڪ ۽ استعمال بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم پاران ناڻي واري وزير کي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب، ڪميٽي پيٽروليم شين جي هفتيوار قيمتن جي تعين بابت سفارشون پيش ڪيون، جن جي وزيراعظم منظوري ڏني. حڪومت ڪورونا جهڙي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جلد ئي اعلان متوقع آهي .ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي سي پيٽروليم شين جي هفتيوار قيمتن بابت سفارشون ڏيندو، اي سي سي جي منظوري کان پوءِ وفاقي ڪابينا پيٽروليم شين جي سمري کي حتمي منظوري ڏيندي، جڏهن ته ورچوئل تعليم ۽ تعليمي ادارن ۾ آفيسن لاءِ گهر کان ڪم ڪرڻ جو منصوبو سومر تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ناڻي واري وزير کي صوبن سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ گهر کان ڪم ڪرڻ بابت تجويز سومر تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف، اجلاس جو هڪ بيان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق پيٽروليم وزارت هڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جو مناسب ذخيرو موجود آهي.ان موقعي تي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پيٽروليم شين جي ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، مصنوعي کوٽ ۾ ملوث ڪنهن به پيٽرول پمپ کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي، اوگرا هٿرادو کوٽ کوٽ ۾ ملوث پيٽرول پمپ جو لائسنس منسوخ ڪندي قانوني ڪارروائي ڪري. وزيراعظم پاران قائم ڪيل ڪميٽي جو اجلاس وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ فنانس ڊويزن ۾ ٿيو. ذريعن موجب، ايندڙ اعلان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 25 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 60 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.ٻئي طرف، وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جي ڪري، عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جون قيمتون آسمان کي ڇُٽي ويون آهن.آمريڪي خام تيل WTI ۽ برينٽ خام تيل ٻنهي جون قيمتون 90 ڊالر جي ويجهو پهچي ويون آهن.بين الاقوامي رپورٽن موجب، آمريڪي ڪچو تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) جي في بيرل قيمت 89 ڊالر کان وڌيڪ ٿي وئي آهي، جڏهن ته برينٽ خام تيل جي قيمت به 91 ڊالر في بيرل کان مٿي ٿي وئي آهي.حملن جي نئين لهر کان پوءِ، توانائي مارڪيٽن ۾ سخت پريشاني آهي، تيل جي قيمتن ۾ 2020 کان پوءِ تيز ترين واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ سان عوام تي اثر پوندو:معاشي ماهر
ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) حڪومت طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ تي معاشي ماهر خاقان نجيب چيو آهي ته پهرين ڳالهه ته جيڪا شئي ملڪ ۾ نه ٺهي ان تي ته ڪرڻو پوندو آهي، ان ۾ ٻه رايا نٿا ٿي سگهن، پر اصل ڳالهه اها آهي ته مان پهريان به چئي ته اوهان کي گهرج موجب فيصلو ڪرڻ گهرجي، جيڪا اوهان جي ضرورت آهي ان موجب ماڻهو رويو به تبديل ڪري ڇڏين، ڏسو مارڪيٽ جنهن کي ورڪ چينجر چيو وڃي ٿو، چون ٿا ته ورڪ فار هوم، هابرڊ ورڪ، موبليٽي مئنيجٽمينٽ، عوامي رويو، ڊسيپليٽ، اهي جيڪي ڊمانڊ سائيٽ مئنيجمينٽ آهن انهن کي ضرور وٺڻ گهرجي ها، قيمتون وڌائڻ جو ته ڪو ٻيو جواز ٿي ئي نٿو سگهي، اصل ڳالهه آهي ته اوهان کي انرجي ڊمانڊ مئنيجمينٽ فريم ورڪ کي سامهون آڻڻو آهي، اسان اٿارٽيز کي ڏسنداسين اهو ورڪ فرام هوم، هابرڊ ورڪ، ان کان سواءِ اوهان ڪم ڪري سگهو ٿا، آن لائن اسڪول، اسڪولن کي موڪلون ڏيڻ، پوءِ اوهان فيول ايڊجسٽ ڪيو فيول الائونسز کي، ڇو اوهان ايئن ڪرڻ چاهيو ٿا ته عوام جي ڪاوڙ کي ختم ڪري سگهجي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورنا دوران تمام گهڻين شين تي عمل ڪيو ويو، هن صورتحال ۾ عوام تي بار نه وجهڻ گهرجي، جيڪڏهن اوهان وٽ 28 ڏينهن جا ذخيرا هئا جيڪڏهن اوهان کي 40 ڏينهن تائين کڻي وڃو ٿا ته اهو ڪري سگهجي پيو، ٻئي پاسي هڪ سٺي ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي ته هنن چيو ته سپلائي جي سلسلي ۾ ڪوشش ڪنداسين ته سعودي عرب مان جيڪڏهن ڪو وڏو جهاز ملي وڃي، ايل اين جي به مسئلو آهي، ايل اين جي 15 ڏينهن جي هئي، قطر به ايل اين جي بند ڪئي آهي، هن وقت جيڪو هڪ ايل اين جي جو جهاز آهي 25.30 ملين ڊالرز هو اندازي موجب هن وقت اهو 60 کان 70 ملين ڊالرز ۾ نه ملندو، جيڪڏهن حڪومت پورو فريم ورڪ سامهون رکي ها ماڻهن کي ٿورو رليف ضرور ملي ها، هن جا عام ماڻهوءَ تي اثر پوندا، حڪومت سبسڊي ڏئي سگهي پئي، جيئن مهانگائي کي ڪجهه گهٽ ڪري سگهجي، حڪومت فريم ورڪ ٺاهڻو پوندو، ان کانسواءِ ڳالهه نه ٺهندي.
راس تنورا بند،پاڪستان جو سعودي بندرگاهه تان تيل وٺڻ جو فيصلو
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) راس تنورا بندرگاهه بند ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان سعودي بندرگاهه تان تيل وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.راس تنورا بندرگاهه بند ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان بحر احمر ۾ سعودي بندرگاهه تان تيل وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، گهريلو ريفائنريز اضافي تيل ڪڍڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهيون آهن. پيٽرول بچائڻ لاءِ گهر کان ڪم ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻين ذريعن کان ايل اين جي تمام مهانگي آهي، مهانگي ايل اين جي بدران بند ٿيل کوهن مان پيداوار تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب، سنگاپور کان پيٽرول خريد ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.
سنڌ ۾پيٽرول جو هٿرادو بحران، ماڻهو ڊرم کڻي پمپن تي پهچي ويا
ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران ۾ هلندڙ جنگ سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول جو هٿرادو بحران پيدا ٿي ويو، پيٽرول مالڪن پمپ بند ڪري ڇڏيا، شهري ڊرم کڻي پهچي ويا، سانگهڙ، ڪنري، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، وارهه، ڀرياسٽي، چوٽياريون، ڀريا روڊ، ڀرياسٽي، وارهه ۽ ٻين شهرن ۾ پيٽرول جو بحران پيدا ٿي ويو، سانگهڙ جي انتظاميا پيٽرول جي ذخيرا اندوزي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، پيٽرول جو وڌيڪ بحران ٿيڻ جي خدشي سبب سانگهڙ واسي ڊرم ڀرائڻ پيٽرول پمپن تي پهيا، پيٽرول پمپن تي مافيا تيل اسٽاڪ ۽ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لڳل، شهرين جون دانهون، شهرين جو چوڻ هو ته لڳي ٿو ته سائڪلون وٺڻيون پونديون، ڀرياروڊ ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ پيٽرول پمپن جي اوچتي بندش سبب پيٽرول جو سخت بحران پيدا ٿي ويو، جنهن ڪري عام شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، ڪيترن ئي پيٽرول پمپن تي سپلاءِ بند هجڻ سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي پيٽرول ٻيڻي ۽ ٽيڻي قيمت تي وڪرو ٿيڻ جون به شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن، ذريعن موجب ڪجهه پيٽرول پمپ مالڪن طرفان پمپ بند ڪرڻ سبب علائقي ۾ تيل جي کوٽ وڌي وئي آهي، جنهن جو فائدو وٺندي ڪجهه ماڻهو بليڪ مارڪيٽنگ ذريعي عوام کي مهانگي اگهه تي پيٽرول وڪرو ڪري رهيا آهن، شهرين جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي کوٽ سبب روزانو ڪم ڪار متاثر ٿي رهيو آهي، خاص طور تي پورهيت طبقي ۽ ٽرانسپورٽرن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ساڳي صورتحال، پيٽرو پمپ مالڪن پاران پمپ بند ڪيا ويا، پيٽرول جو بحران، شهري پريشان، انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل، گهوٽڪي ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ پيٽرول پمپن جي مالڪن پاران اوچتو پمپ بند ڪرڻ ڪري تيل جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن سبب عام شهرين جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. اڪثر پيٽرول پمپن تي سپلاءِ بند هجڻ ڪري ماڻهن جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي تيل جو وڪرو ٻيڻي ۽ ٽيڻي قيمت تي جاري آهي، ڪنري، وارهه، رڪ فارم، ڏوڪري، نصيرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ اڪثر پيٽرول پمپ بند ٿي ويا، ڪجهه هنڌن تي پڻ مهانگو پيٽرول وڪرو ٿيڻ لڳو، شهرين پاران حڪومت کان گهر ڪئي وئي آهي ته پيٽرول ذخيرو ڪندڙن ۽ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ به پيٽرول ملڻ بند ٿي ويو، شهر جي مختلف علائقن ۾ پيٽرول پمپ بند ٿي ويا، ڪجهه علائقن ۾ کليل پيٽرول پمپن تي ماڻهن جون قطارون لڳي ويون، نيو ڪراچي، انڊسٽريل ايريا،S2موڙ وارو پئٽرول پمپ کليل نظر آيو، سوشل ميڊيا تي شهر ۾ پيٽرول پمپ بند ٿيڻ تي باهه ٻري وئي، ماڻهن پوسٽون رکڻ شروع ڪري ڇڏيون ته شهر جا اڪثر پيٽرول پمپ بند ٿي ويا، جيڪي کليل آهن اُتي پيٽرول مهانگو ملي رهيو آهي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن ، پيٽرول پمپن جي انتظاميا ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته پيٽرول جي قيمت وڌڻ جو خدشو آهي ان جي لاءِ ڪجهه پئٽرول پمپ وارن پيٽرول ۽ ڊيزل بند ڪيو ويٺا آهن اسان وٽ پيٽرول ۽ ڊيزل اسٽاڪ پيل آهي اسان هر گيز بند نه ڪنداسين، لائنن ۾ بيٺل شهرين جو چوڻ هو ته ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل ۾ جنگ هلي رهي آهي، هتي هٿرادو پيٽرول جو بحران پيدا ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي، حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.
حڪومت ليوي گهٽائڻ بدران سمورو بار وري عوام تي وجهي ڇڏيو
اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن جو جواز خطي جي موجوده صورتحال کي ڄاڻايو ويو آهي. پاڪستان هن وقت آءِ ايم ايف جي ريويو هيٺ آهي، تنهنڪري حڪومت لاءِ ليوي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ هڪ ڏکيو فيصلو هو. حڪومت هلندڙ سال جي پهرين 6 ماهي دوران عوام کان پيٽروليم ليوي جي مد ۾ رڪارڊ 822 ارب رپيا اوڳاڙي چڪي آهي. قيمتن ۾ واڌ جي اعلان سان ئي ملڪ جي مختلف شهرن، خاص ڪري ملتان ۾ پيٽرول پمپن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي وڪرو بند ڪيو ويو. پيٽرول تي 84.40 رپيا ۽ ڊيزل تي 76.21 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن واڌ سان مهانگائي وڌندي ۽ عوام جي قوتِ خريد سخت متاثر ٿيندي، جڏهن ته حڪومت کي پنهنجا ذخيرا بچائڻ ۾ مدد ملندي.