ايران جي جنگي ڪاميابين جو اعتراف، دشمن جو دفاع ڪمزور

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين پنهنجي تحقيقاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ايران جنگ جي شروعات ۾ ئي اردن، گڏيل عرب امارات ۽ قطر ۾ موجود جديد ترين آمريڪي دفاعي سسٽم ٿاڊ ۽ ٻين جاسوسي اوزارن کي نشانو بڻائي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.  رپورٽ موجب، سيٽلائيٽ تصويرن مان تصديق ٿي آهي ته ايران اردن ۾ لڳل 50 ڪروڙ ڊالر ماليت جي ٿاڊ سسٽم جو ريڊار تباهه ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه، قطر جو ارلي وارننگ سسٽم ۽ يو اي اي ۾ به ٻن هنڌن تي ريڊارن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جو مقصد دشمن جي ايئر ڊيفنس کي ڪمزور ڪرڻ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.