ڪرڪيٽ ٽيم جي تباهي جا ذميوار محسن نقوي ۽ عاقب جاويد آهن

پاڪستان جي موجوده ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏسجي ته جڏهن  کان  ڪوچ مڪي آرٿر کي تبديل ڪيو ويو آهي  تڏهن کان ان ٽيم ون ڊي توڙي توڙي ٽي ٽوئنٽي ميچن جي وڏن ٽورنامينٽ جهڙوڪ ورلڊ ، ايشيا ڪپ، چيمپنز ٽرافي  وغيره جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ گروپ ميچن ۾ ئي ان جو سفر تمام ٿي وڃي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته ڪرڪيٽ بورڊ ۽ موجوده ٽيم مئينجمينٽ ئي ان ناڪامي  جي سڀ کان وڏي ذميوار آهي. هاڻي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي آهي جيڪو ئي پهريون وڏو غلط ۽ تڪراري فيصلو آهي ۽  ٻيو وڏو غلط فيصلو عاقب جاويد کي ڪرڪيٽ جي سليڪشن ڪاميٽي جو چيئرمين بڻائڻ آهي.

اهي فيصلا غلط ڪيئن آهن پهريون پاڻ ان جو جائزو وٺنداسين.  محسن نقوي بنيادي طور تي ڪرڪيٽ جو ماڻهو ئي ناهي ٻيو ته هُو هن وقت حڪومت جي بيحد اهم وفاقي گهرو وزارت  تي به فائز آهي. هتي سوال  اهو ٿو پيدا  ٿئي ته ڇا ڪرڪيٽ بورڊ کي هلائڻ لاءِ ملڪ ۾ ڪو مناسب ماڻهو دستياب ناهي ڇا جو ڪنهن هڪ ماڻهو کي ٻه ٻه وڏا عهدا ڏجن. محسن نقوي جيئن ته ڪرڪيٽ سان تعلق ناهي رکندو تنهن ڪري ان موصوف پنهنجي رهنمائي لاءِ ڪجهه اڳوڻن ڪرڪيٽرن تي ٻڌل هڪ صلاحڪاري بورڊ ٺاهيو هو جنهن کي ”مينٽور“ چيو  پيو وڃي جن تي ذميواري رکيل هئي ته اهي  فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کي بهتر ڪندا ۽ نوان ڪرڪيٽر تلاش ڪري ڏيندا. محسن نقويءَ  تڏهن اها به  دعويٰ ڪئي هئي ته  اهي  اڳوڻا  ڪرڪيٽر پنهنجيون الڳ الڳ  ٽيمون ٺاهيندا ۽ ايئن پاڪستاني ٽيم کي هر بيٽسمين، هر فاسٽ ۽ اسپن بالر ۽ آل رائونڊر توڙي ڪپتانن جا متبادل  ملي ويندا پر محسن نقوي انتظامي طور تي ان پاليسيءَ تي به عمل نه ڪرائي سگهيو. جيڪا سندس پهرين وڏي ناڪامي رهي آهي.

محسن نقوي جي ٻي وڏي غلطي اها آهي ته ان عاقب جاويد  جهڙي تڪراري شخص کي پاور فل بڻائي  ڇڏيو آهي جيڪو پنهنجي ذات ۾ ئي جانبداري عهديدار ثابت ٿيو آهي ۽ خاص ڪري  بابراعظم جي معاملي ۾ هو ظاهر ظهور پرسنل رهيو آهي. جڏهن عاقب جاويد ڪرڪيٽ جي مئنيجمينٽ ۾ نه هو تڏهن ئي  هو بابراعظم جو سخت مخالف  هو ۽ سندس دعويٰ  هئي ته هي وري ون ڊائون پوزيشن تان هٽائي ٽو ڊائون ڪيو. ماڊرن دور جي ٽي ٽوئنٽي جو بيٽسمين ناهي،  سندس اسٽرائيڪ ريٽ  ئي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي معيار جو ناهي پر سوال هتي اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن بابراعظم  ٽي ٽوئنٽي جو پليئر ناهي ته هو  ٽي ٽوئينٽي جي فارميٽ جو ليڊنگ اسڪورر پوءِ  ڪيئن بڻيو آهي ۽  ان کان وڌيڪ اسٽرائيڪ ريٽ رکندڙ بيسٽمين بابر جي مقابلي ۾ ڇو پوئتي آهن. عاقب جاويد اڳتي هلي  بابراعظم کي ٽي ٽوئنٽي  ۾ کيڏائڻ تي عوامي دٻاءُ سبب مجبور ته ٿيو پر ان کي تباهه ڪرڻ لاءِ پهريون کيس اوپننگ تان هٽائي، ون ڊائون ڪيو ۽ ٽي ٽوئنٽي جي هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ هڪ ميچ ۾ کيس بيٽنگ نه ڏني ۽ ٻي ميچ ۾ ڊراپ ڪيو ۽ هاڻي بنگلاديش جي ون ڊي سيريز لاءِ 19 سينچريون اسڪور ڪندڙ بابر اعظم کي ٽوئنٽي جي ڪارڪردگي جو جواز بڻائي ڊراپ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هُو ون ڊي جو  ڪامياب ترين بيٽسمين تصور ڪيو ويندو آهي. ون ڊي سيريز مان ڊراپ ڪرڻ تي بابراعظم جا مخالف به حيران  ٿي رهيا آهن ۽ کيس ڊراپ ڪرڻ کي زيادتي قرار ڏئي رهيا آهن  بابر اعظم جو اهو حوالو پيرائتي نموني ان ڪري ڏنو ويو آهي ته موجوده ڪرڪيٽ بورڊ ۽ مئنيجمينٽ جو ورلڊ ڪلاس ۽ هيرو پليئرن سان ئي اهو رويو آهي ته  ”وڻ ڏٺو شهر ڏٺو“ جي مصداق سندن معيار کي سمجهي سگهجي ٿو.

تنهن ڪري اسان جو  اهو خيال آهي ته ڪرڪيٽ جي موجوده  زوال جا ذميوار محسن نقوي ۽ عاقب جاويد آهن. انهن ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان سلمان آغا نالي ان  پليئر کي بڻايو آهي جيڪو ٽي ٽوئنٽي جو ناڪام ترين بيٽسمين ثابت ٿيو آهي، ورلڊ ڪپ ۾ ته سندس ناقص ڪپتاني به وائکي ٿي چُڪي آهي. بابراعظم جي ورلڊ ڪپ ۾ جيڪا خراب پرفارمنس ڄاڻائي وڃي ٿي سا پوءِ به ڪپتان سلمان آغا کان بهتر آهي. هن ورلڊ ڪپ  ۾ ٽيم مينيجمينٽ تي اها به تنقيد ٿي رهي آهي ته اها مستند ڪمبنيشين ٺاهڻ ۾ به  ناڪام رهي. فخر زمان جهڙي سٺي رن ريٽر ۽ تجربي ڪار بيٽسمين کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ بدران گهڻن آل رائونڊرن تي ٻڌل ٽيم ٺاهي وئي جيڪا پاليسي مڪمل طور تي ناڪام وئي. عاقب جاويد  تي اهو به الزام آهي ته اهو پاڪستان ٽيم جي پي ايس ايل جي پنهنجي ٽيم لاهور قلندر جي پليئرن کي اوليت ڏئي ٿو. شاهين آفريدي جيئن ته لاهور قلندر جو ڪپتان آهي ته کيس ملڪ جي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جو به ڪپتان بڻايو ويو ۽ هاڻي به بنگلاديش ۾ ٿيندڙ ون ڊي سيريز لاءِ کيس کيس ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي جڏهن ته سندس پنهنجي فارم به ڪافي وقت کان خراب آهي.

سو اصل ڳالهه اها آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ، سليڪشن ڪميٽي ۽ ٽوئر مئينجمنٽ اهڙي مضبوط ٽيم ميدان  تي لاهي جنهن جي صلاحيت تي ڪو شڪ شبهو نه هجي،  سفارش ۽ پرچي جو الزام نه لڳي ۽ سئو سيڪڙو ميرٽ تي چونڊي وڃي. پر ڪرڪيٽ جو اهڙو صاف، شفاف ۽  مضبوط نظام ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي ۽ سليڪشن ڪميٽي  جو چيئرمين عاقب جاويد ٺاهڻ ۾ ناڪام ويا آهن ۽ سندن دور ۾ پاڪستاني ٽيم وڏن ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل تائين پهچڻ ۾ به مسلسل ناڪام ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته نه ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي چونڊ درست آهي، نه سلڪيشن ڪيمٽي جي چيئرمين جي چونڊ  صحيح آهي. تازيون رپورٽون آهن ته مصباح الحق ۽ سرفراز احمد کي به سليڪشن ڪاميٽي جو ميمبر بڻايو ويو آهي ڏسڻو اهو آهي ته اهي بنگلاديش  جي دوري لاءِ چونڊيل ٽيم ۾ ڪو ردوبدل ڪري سگهن ٿا يا نه. عام تاثر اهو آهي ته اهي بنگلا ديش کان پوءِ وارين سيريزن لاءِ ٽيم سليڪٽ ڪري سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.