پشاور (م ڊ) ڪوهستان مالي اسڪينڊل ۾ هڪ ٻيو اهم جوابدار گرفتار ڪيو ويو، جيڪو هڪ نجي ڪمپني جو مالڪ آهي، قومي احتساب بيورو جي ذريعن موجب جوابدار بختيار خان کي جاچ دوران حراست ۾ ورتو ويو، نيب ذريعن موجب گرفتار ڪيل جوابدار بختيار خان جو تعلق گلگت سان آهي ۽ هو هڪ نجي ڪمپني جو مالڪ آهي، جاچ دوران معلوم ٿيو ته هن هڪ جعلي ڪمپني به قائم ڪري رکي هئي جنهن ذريعي مالي معاملا ڪيا ويندا هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار سان لاڳاپيل مختلف وقتن ۾ مالي ٽرانزيڪشن سامهون آئي، جن جي بنياد تي هن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جوابدار عبوري ضمانت حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو پر عدالت سندس درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو.