راولپنڊي/وانا (م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن ان ئي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن افغان طالبان دهشتگردي ۽ دهشتگردي تنظيمن جي حمايت بند ڪن. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير وانا ڏکڻ وزيرستان جو دورو ڪيو، جتي هن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ خراج عقيدت پيش ڪيو. فيلڊ مارشل کي سيڪيورٽي صورتحال ۽ آپريشن غضب للحق تي بريفنگ ڏني وئي، هن اڳين مورچن تي مقرر جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ جاري جهڙپن دوران جوانن جي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ حوصلي کي ساراهيو. سيد عاصم منير چيو ته شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي سلامتي ۽ مضبوطي جو بنياد آهن، افغان سرزمين جو پاڪستان خلاف استعمال قبول ناهي، ان سان پيدا ٿيندڙ هر خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل چيو ته شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام جي بنياد آهن. خوارج ۽ هندستاني فتني لاءِ پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪرڻ ناقابل قبول آهي. ان مان پيدا ٿيندڙ هر خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.فيلڊ مارشل چيو ته ٻنهي پاسن تي امن تڏهن ئي قائم ٿي سگهي ٿو جڏهن افغان طالبان دهشتگردي ۽ دهشتگرد تنظيمن جي حمايت کي رد ڪري. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل پاڪ-افغان سرحد تي مقرر فارميشن جي جنگي تيارين، مربوط ڪارڪردگي ۽ حوصلي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.