ڪنڌڪوٽ ڀرسان بنگوار برادري ۾ خوني تڪرار تيز، فائرنگ ۾ 2 ڌنار قتل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ  ڀرسان بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جهيڙو گوليون لڳڻ سبب 2 ڌنار نوجوان قتل ٿي ويا، گبلو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ مشڪي بنگوار ۾ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڌر جي هٿيار بندن مال چاريندڙ ڌنارن تي حملو ڪري ڏنو، گوليون لڳڻ سبب نوجوان ننڍو بنگوار ۽ بدر الدين بنگوار قتل ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا ثناءُ الله ۽ سلام بنگوار گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، گبلو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل نوجوانن جا لاش ۽ زخمي نوجوانن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن ، رابطو ڪرڻ تي گبلو پوليس ٻڌايو ته شريف بنگوار ۽ مشڪي بنگوار ڌرين ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي هڪ نوجوان ننڍو مارجي  ويو آهي ۽ 2 نوجوان ثناءُ الله ۽ سلام بنگوار زخمي ٿي پيا آهن جنهن کي ليٽر ڏئي ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو آهي جڏهن ته هن جهيڙي ۾ اڳ  به بنگوار برادري جي ٻنهي ڌرين جا چار ماڻهو قتل ٿي ويا آهن جهيڙي ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.