ڪنڌڪوٽ (ڊ ر)ڪنڌڪوٽ ڀرسان هفتو اڳ زمين جي معاملي تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان چاڪر گولو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گولا برادري جي وارثن پاران انڊس هاءِ وي بند، ڌرڻو، هفتو اڳ زمين جي معاملي تان گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ م گوليون لڳڻ سبب نوجوان چاڪر گولو مارجي ويو هو جنهن جا قاتل پوليس گرفتار نه ڪري سگهي، جنهن جي خلاف وارثن ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ پي پي ايل ٻوهاني وٽ بند ڪري ڇڏيو، ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون مسافر سخت پريشان رهيا، مقتول نوجوان جي وارثن شهزادو گولو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مقتول نوجوان چاڪر گولو کي قتل ٿيندي هفتو ٿي ويو آهي پر پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ڪري نه ڪري سگهي، پوليس مخالف ڌر کان پئسا وٺي نوجوان جو ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي، اسان جو زمين جي معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي هن وقت تائين اسان جا ٻه نوجوان قتل ٿي ويا آهن پنج کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، نوجوان جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن، هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ ايس ايڇ او بخشاپور سڪندر پنهور پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.