جنگ ۾ ڊيگهه سان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌي ويندي

لاهور(مزمل سهروردي)ٽرمپ چوي ٿو ته جنگ چار هفتا جاري رهندي، جڏهن ته ماڻهن جو خيال آهي ته اها ٻه ٽي مهينا به جاري رهي سگهي ٿي،جڏهن ته آبنائي هرمز تي اصل راند شروع ٿي وئي آهي، جتي روزانو تقريباً ٻه ڪروڙ بيرل تيل گذرندو آهي. جيڪڏهن جنگ چار هفتا جاري رهي ته دبئي جو ڇا ٿيندو؟ دبئي ۾ اڃا تائين جيڪي حملا ٿيا آهن، اهي تقريباً سو سيڪڙو روڪيا ويا آهن. سعودي عرب ڪٿي بيٺو آهي؟ اڄ ان جي ريفائنري، آرامڪو ريفائنري تي ميزائل ماريا ويا. سعودي چوي ٿو ته آمريڪين پنهنجو وعدو پورو نه ڪيو. لڳ ڀڳ ٻه ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، ۽ مجموعي نقصان پنجاهه کان ساٺ ارب ڊالر تائين پهچي سگهي ٿو. دبئي پنهنجي اسٽاڪ ايڪسچينج  ٻه ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏي، پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج لڳ ڀڳ 15,000 پوائنٽ گهٽجي وئي، تقريباً 9 سيڪڙو گهٽتائي. اهو ٻڌائي ٿو ته پاڪستان جو تيل تي دارومدار تمام گهڻو آهي. آمريڪا لاءِ هڪ وڏو مسئلو اهو آهي ته ان جي 40 ٽريلين ڊالر جي قرضن جو مسئلو آهي، معاشي ماهر فاروق سليم چيو آهي ته جديد تاريخ ۾ آبنائي هرمز ڪڏهن به مڪمل طور تي بند نه ٿي. بيشمار جنگون ٿيون، جهڙوڪ ايران-عراق، آمريڪا-عراق جنگ، پر اسٽريٽ آف هرمز ڪڏهن بند نه ٿيوانهي بندش جو اثر سعودي عرب، ايران، ڪويت، قطر ۽ ٻين ملڪن جي آمدني تي ٿئي ٿو. وڏيون طاقتون جهڙوڪ چين، جاپان، انڊيا، ساؤٿ ڪوريا، پاڪستان پڻ اثرانداز ٿينديون، ڇو ته انهن کي تيل گهرجي.هن چيو ته دبئي ۾ بينڪنگ ۽ پراپرٽي مارڪيٽ متاثر ٿيا.سعودي عرب رامڪو ريفائنري تي ميزائل حملا سبب نقصان ٿيو روزانو ٻه ڪروڙ بيرل تيل جي پيداوار ۾ نقصان لڳ ڀڳ ٻه ارب ڊالر جو آهي، ۽ جيڪڏهن جنگ 30 ڏينهن تائين رهي، مجموعي نقصان 50-60 ارب ڊالر تائين پهچي سگهي ٿو،هن چيو ته جنگ جاري رهي ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ مهانگائي وڌي سگهي ٿي.پاڪستان لاءِ تيل جي 10 ڊالر في بيرل اضافي قيمت، 1.5 کان 2 بلين ڊالر جو اضافو خرچ ٿيندو ،واپاري خسارو وڌي ويندو، ۽ روپئي تي دٻاءُ پوي ٿو، جنهن سبب آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي ضرورت ٿي سگهي ٿي،سون ۽ چاندي جي قيمت وڌيڪ وڌندي،هن چيو ته دبئي، سعودي عرب، وچ اوڀر جي ملڪن، ايران ۽ آمريڪا سڀني تي جنگ جا شديد اقتصادي اثر پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.