نيويارڪ(م ڊ)اڳوڻي آمريڪي وزيرِ دفاع جي مشير ڊگلس ميڪ گريگر چيو آهي ته نريندر مودي پنهنجي اسرائيل دوران دوران نيتن ياهو کي ايران خلاف ممڪن مدد جي ضمانت ڏني آهي،غير ملڪي نشرياتي ادارن موجب، ڊگلس ميڪ گريگر ٻڌايو آهي ته آمريڪي بحري جهاز ڀارتي بندرگاهن تي لنگر انداز ٿي سامان لاهي رهيا آهن،آمريڪي بحريه ايران سان وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران ڀارتي بندرگاهن جو استعمال ڪري رهي آهي، جڏهن ته مودي نيتن ياھُو جي چونڊ مهم ۾ پوسٽر بواءِ طور استعمال ٿيو۔ٻئي طرف اسرائيلي صحافي اٽائي ميڪ ميڊيا اداري دي وائر ۾ مودي کي نيتن ياھُو جي چونڊ مهم جو سستو اشتهار قرار ڏنو،دي وائر انڪشاف ڪيو ته مودي جو اصل هدف نيتن ياھُو ذريعي آمريڪي صدرٽرمپ تائين رسائي ۽ خوشنودي حاصل ڪرڻ هو۔عالمي ميڊيا موجب مودي جي اسرائيل دوري عالمي سطح تي ڀارت کي شرمندگي ۾ وجهي ڇڏيو، ايران تي حملو ٿيڻ کان اڳ اسرائيل جي ياترا جي ٽائمنگ سنگين سوال اُٿاريا، ۽ مودي ڀارتي خارجه پاليسي کي ذاتي مفادن جي نذر ڪري ڇڏيو۔