ايران پاران سعودي تيل ڪمپني تي اسرائيلي حملي جي دعويٰ

تهران (م ڊ) ايران جي نيم سرڪاري خابرو اداري اداري تسنيم نيوز دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب جي تيل جي ٺڪاڻي آرامڪو تي  ٿيل حملو اصل ۾ اسرائيل جي هڪ سازش هئي. ايراني ذريعن موجب، اسرائيل اهڙن حملن ذريعي علائقائي ملڪن کي گمراهه ڪرڻ ۽ ايران ۾ شهري علائقن تي پنهنجن حملن تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو. ايران واضح ڪيو آهي ته هن خطي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر آرامڪو انهن جو نشانو نه هئي. ايراني انٽيليجنس موجب اسرائيل جو ايندڙ نشانو گڏيل عرب امارتن جي الفجيره بندرگاهه ٿي سگهي ٿي. گذريل ڏينهن آرامڪو ريفائنري تي ٻه ڊرون حملا ٿيا هئا، جن کي فضا ۾ تباهه ڪيو ويو هو، پر ملبو ڪرڻ سبب اتي باهه لڳي وئي هئي ۽ ريفائنري کي عارضي طور تي بند ڪرڻو پيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.