آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جيڪو ڪجهه چاهيو اهو ايراني سپريم ڪمانڊر سيد علي خامنه اي سندس خاندان ۽ ايراني سياسي ۽ عڪسري قيادت کي ماري به حاصل ناهن ڪري سگهيا. اڃا به آمريڪا اسرائيل خلاف دنيا نفرت ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري چڪي آهي سواءِ ڪجهه خليج ۽ عرب ملڪن جي جن آمريڪا ۽ اسرائيل جو ڀرپور ساٿ ڏنو آمريڪا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ايران کي صف هستي تان مٽائڻ لاءِ فوجي اڏا ڏئي سندن طاقت وڌائي۔
آمريڪا ۽ اسرائيل مسلم ملڪن خلاف جيڪا جارحاڻي سوچ رکن ٿا ۽ انهن کي مٽائڻ لاءِ حربا استعمال ڪندا رهن ٿا اهي سدائين ان جا ان ڪري ڪامياب ويندا آهن جو اسان مسلمان ۽ اسلامي ملڪ ان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ بغل گير ٿي ڪري سندن حوصلا افزائي ڪندا آهيون جنهن ڪري هو مسلمانن کي ڪمزور سمجهي مٿن حملا آوار ٿيندا آهن۔ آمريڪي صدر ٽرمپ هفتو اڳ جنهن جارحيت جو اشارو ڏنو هو نيٺ اها پايه تڪميل تي پهتي جنهن ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل کي سامهون ميدان تي لاٿو جنهن اڳرائي جو اهو مظاهرو ڪيو جو ايران جا معصوم شهري ۽ شاگرد سوَن جي انگ ۾ شهيد ٿي ويا پر ايران جو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ايران جو صدر اعليٰ فوجي قيادت سميت خامنه اي جو فرزند سيد مرتضي خامنه اي ۽ سندن خاندان جا ڪيئي ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن جنهن سان رهبر خامنه اي جي شهادت پوري امت مسلمه کي گهري صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔
جيتوڻيڪ ايران هن وقت جنگ ۾ اڪيلو نظر اچي رهيو آهي ۽ ان جي مضبوط قيادت شهادت ماڻي چڪي آهي مايوسي وارو ماحول ڇانيل آهي پوءِ به انتقام واري جذبي ۾ آهي ۔اسرائيلي حملن ۾ محفوظ رهجي ويل قائد علي لاريجاني کي فوري طور نئون رهبر اعليٰ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ نائب صدر علي رضا بطور صدر نيون ذميواريون سنڀاليون آهن جنهن آمريڪا کان پلاند وٺڻ جو اعلان ته ڪيو آهي۔ آمريڪي صدر ٽرمپ جي گدڙ ڀڀڪين مان لڳي ٿو ته ايران هن وقت مڪمل طور آمريڪا ۽ اسرائيلي جارحيت جو شڪار ٿيڻ وڃڻ وارو آهي ۽ چاهي ٿو اتي آمريڪا ۽ اسرائيل جي پسند واري حڪومت قائم ٿئي پر في الحال جنگ ختم ٿيندي نظر نٿي اچي ڊيگهه وٺندي۔
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي جڏهن به جنهن وقت به ڪنهن اسلامي ملڪ آمريڪا جي وجود کي للڪاريو آهي يا ان جي غلامي کان انڪار ڪيو آهي يا پنهنجي سرزمين آمريڪا کي جنگي جنون لاءِ استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي اهي ملڪ ۽ انهن جا سربراهه آمريڪي جارحيت جو بري طرح شڪار ٿيا آهن جن ۾ لبيا جو صدر ڪرنل قذافي عراق جو صدام حسين مصر جو حسني مبارڪ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن۔اهو سڀ ڪجهه انهي ڪري جو آمريڪا ويٽو پاور رکندڙ طاقتور ائٽمي ملڪ آهي جتي پري جو ڪو به مخالف ملڪ يا طاقتور پهچي مٿس حملو ڪري نٿو سگهي جنهنڪري آمريڪا سدائين ڏاڍ ڪندو آهي۔ مسلمان ملڪن لاءِ وڏو سانحو اهو آهي جو اسلامي ملڪن جي سربراهن پاران فوري ڪو ردعمل نه اچڻ يا مذمت نه ڪرڻ ڪنهن بي حسي کان گهٽ ڳالهه ناهي اڃا به امڪان آهن ته ايران جو معاشي بائڪاٽ ڪري کيس اڪيلو ڪيو ويندو جيڪا ايران رسڪ کڻڻ لاءِ تيار آهي پر پوءِ به امت مسلمه کي ئي ان جو نقصان پهچندو۔
اسرائيل آمريڪا جي هوڏ تي پنهنجي اڳرائي جو هڪ ڀيرو ٻيهر جيڪو مظاهرو ڪيو آهي تنهن پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي۔ جيڪڏهن جنگ جي موجوده لهر فوري ختم نه ٿي ته ٽين عالمي جنگ به ڇڙڻ جا امڪان آهن جنهن سان پوري دنيا خوفناڪ حالتن جي منهن ۾ اچي ويندي۔جنهن سان دنيا غربت ۽ مهانگائي طرف ته هلي ويندي پر انساني جانين جي نقصان هجڻ سان گڏ دنيا ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي اها ختم ٿي سگهي ٿي شهرن جا شهر مٽي جا ڍير ڏسڻ ۾ ايندا۔ايران اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ جيڪا ڪشيدگي پئدا ٿي چڪي آهي ميزائيلن جو استعمال ٿي رهيو آهي تنهن کي نظر ۾ رکندي اڄ سومر تي گڏيل قومن جو هنگامي اجلاس ٿي رهيو آهي ممڪن آهي ته ڪشيدگي ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي اچي پر جهڙو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو رويو آهي اهو ايران جو وجود مٽائڻ بنا خاموش نه رهندو ۽ جنگ فوري طور ختم نه ڪندو جيستائين ايران پنهنجو ميزائيل پروگرام بند نٿو ڪري سگهي۔
آمريڪي صدر جيڪو هن وقت ايران جي خوف ۾ ورتل آهي ايران جي ماڻهن کي چيو اٿس ته اهي ايراني حڪومت خلاف بغاوت ڪن حڪومت جو خاتمو آڻي جمهوري حڪمراني طرف وڌن۔آمريڪي صدر جي اهڙي وڊيو بيان جو ايراني عوام تي ڪو خاص اثر پئجي ناهي سگهيو البته ايراني رهبر اعلي خامنه اي ۽ سندس فرزند جي شهادت بعد پورو ايران سوڳ ۾ ورتل آهي شهري رستن روڊن تي نڪري آيا آهن جن جو جوش ٻڌائي ٿو ته ايراني عوام آمريڪا اسرائيل ۽ سندن اتحادين کان پلاند وٺڻ جي موڊ ۾آهن۔ پاڪستان خطي جي صورتحال کي ڏسندي ايران ۾ ڦاٿل پنهنجي شهرين کي اتان منتقل ڪرڻ لاءِ انتظامات ڪري ڇڏيا آهن جن کي آزربائيجان رستي پاڪستان آندو ويندو جڏهن ته ايران پنهنجي سامونڊي سرحد آبناء هرمز کي بند ڪري ڇڏيو آهي جتان سمنڊ وسيلي هر روز سوين تيل بردار جهاز دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن ويندا آهن۔ايران جي هن قدم سان پوري عالمي دنيا ۾ تيل جو وڏو عالمي بحران اچي سگهي ٿو۔تيل جي اڻاٺ پئدا ٿيندي مهانگو ٿيندو جنهن سان مهانگائي جو وڏو طوفان ايندو جنهن سان غربت وڌندي ايران آمريڪا ڇڪتاڻ ۽ جاري جنگ تي روس چين ۽ انهن جا حمايتي آمريڪا اسرائيل ملڪ پڻ ڳڻتي ۾ ورتل آهي جيڪي اسرائيلي اڳرائي ۽ ايراني قيادت جي بيگناهه قتل تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ۽ مذمت ڪري چڪا آهن ۽ علائقي ۾ امن جي خواهش رکن ٿا۔اڄ جڏهن گڏيل قومن جو هنگامي اجلاس ٿيندو ته صورتحال واضح ٿي ويندي ۽ ممڪن آهي ته آمريڪا پنهنجا ويٽو پاور استعمال ڪري فوري جنگ بندي ڪرڻ کان کان ڪو کتو جواب ڏئي۔ايراني قيادت جي مارجي وڃڻ بعد ايران هن وقت اڪيلو آهي اڪيلي سر جنگ وڙهي پيو ۽ جيڪڏهن جنگ ڊيگهه ورتي ته پاڪستان سميت عرب خليجي ملڪن ترڪي ۽ آسپاس جي ملڪن تي بدترين معاشي اثر پئجي سگهن ٿا غربت ۾ واڌ ممڪن ٿيندي