اڳوڻو تعليمي ماهر ۽ وي سي مظهر الحق صديقي ڪراچي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي ( رپورٽر )  سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر مظهر الحق صديقي جي جنازي نماز ڪالهه سي ويو روڊ مسجد عثمان ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس ڀاءُ جهانگير صديقي ۽ پوئيرن، مٽن مائٽن کان سواءِ  ناليواري اديبن دانشورن ليکڪن تعليمدان اعجاز قريشي  سليم ميمڻ، ذوالفقار هاليپوٽو ، پروفيسر ڊاڪٽر محبوب شيخ، ڊاڪٽر پروفيسر فتح مري وي سي سنڌ يونيورسٽي، پروفيسر ڊاڪٽر  محمديار کھاوڙ،پروفيسر ڊاڪٽر ڪلھوڙو، پروفيسر  ڊاڪٽر  امداد صديقي،امان الله شيخ، پروفيسر مشتاق ميراڻي، پروفيسر ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو ڊاڪٽر عبدالڪريم بلوچ ، عابد چني سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن تعليمي ماهرن ڪامورن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، مظهر الحق صديقي جو مڙهه فيز 8 ڊفينس جي قبرستان ڏانهن دفن ٿيڻ لاءِ نيو ويو، ان موقعي تي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيندڙن پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مظهر الحق صديقي جو وڇوڙي وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي.  مظهر الحق صديقي جون بطور آفيسر پر خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي جي لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد ڪيو هنن چيو ته هو سنڌ جو وڇڙي ويل ھڪ املھ ماڻڪ هو،هنن وڌيڪ چيو ته مظھرالحق صديقي نه صرف ھڪ تعليمدان ھؤ پر ھڪ انتھائي شاندار منتظم پڻ ھؤ.ھن سنڌ جي تعليم کانسواء سڄي ملڪ پاڪستان جي خذمت پڻ ڪئي .ھو وفاق ۾ سيڪريٽري تعليم ء مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر پڻ هو . وي سي ڊاڪٽر فتح مريءَ تدفين کان پوءِ مرحوم جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ گڏيل فاتحه ۾ پڻ شرڪت ڪئي. قبرستان ۾ ماحول انتهائي سوڳوار هو، ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته  مظهرالحق صديقي رڳو هڪ منتظم نه هو، پر پاڻ ۾ هڪ ادارو هو، جنهن جي دانائي ۽ اصول پسندي نسلن جي رهنمائي ڪئي. ھن وڌيڪ چيو ته اعليٰ تعليم، حڪمراني ۽ فڪري زندگي ۾ سندس خدمتون نوجوانن لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهنديون ۽ سنڌ يونيورسٽي هميشه سندس ورثي تي فخر ڪندي رهندي. الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونيئرن کي صبرِ جميل عطا ڪري. سندس گهر ۾ وڇايل تڏي تي پهچي تعزيت ڪندڙن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو قائم مقام وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، سنڌ يونيورسٽي ٺٽي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، امر سنڌو، ڊاڪٽر عبدﷲ دايو، ڊاڪٽر آغا رياض حسين، اڳوڻو ايڊيشنل رجسٽرار عبدالمجيد پنهور، پبليڪيشن آفيسر واحد پارس هيسباڻي، انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، پروفيسر انيل ڪمار، ڊاڪٽر ظفر ابوپوٽو، ڊاڪٽر نياز حسين آريجو، ڊاڪٽر مير محمد ٻگهيو،  پروفيسر شرف علي شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار قريشي، محمد رمضان پهوڙ، غلام نبي ڪاڪا، محمد علي گھانگهرو، محمد حسن ڪاتيار، عبدالرحيم بجير، ڊاڪٽر محمود الحسن مغل، ڊاڪٽر محمود سومرو،  محمد ايوب نوحاڻي، مقبول حسين شورو، فدا حسين ڀاڳت ۽ ٻيا شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.