پاڪستان جون افغانستان سان شڪايتون جائز آهن: فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پاڪ افغان ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن تي فوري جنگبندي ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي حوالي سان پاڪستان جون شڪايتون جائز آهن، تنهن هوندي به افغانستان جي خودمختياري ۽ ان جي اندرين معاملن جو احترام ضروري آهي، جذباتي رويا ٻنهي ملڪن لاءِ خطرناڪ بڻجي سگهن ٿا، مولانا فضل الرحمان تجويز ڏني ته ٻطرفه مفادن، قابلِ اعتماد سيڪيورٽي فريم ورڪ ۽ عالمي طور تسليم ٿيل ضابطن کي استعمال ڪندي مسئلي جو حل ڳوليو وڃي، هن چيو ته سفارتي ڪوششون ئي پائيدار حل فراهم ڪري سگهن ٿيون، امن جا حامي ملڪ پرامن سفارتي ڪردار ادا ڪن ته جيئن ڇڪتاڻ گهٽجي ۽ استحڪام کي هٿي ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.