مريم اورنگزيب ۽ عظميٰ بخاري لاءِ بليٽ پروف گاڏيون خريدڻ جي تياري

لاهور (عوامي آواز رپورٽ) هڪ پاسي پنجاب ۾ 10 ارب رپين کان وڌيڪ جو جهاز وٺڻ تي تنقيد اڃا ٿڌي ئي نه ٿئي هئي ته حڪومتي وزيرن، بيوروڪريٽن لاءِ هڪ ارب 14 ڪروڙ رپين جون لگزري گاڏيون وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هاڻي هڪ تجويز شامل آئي آهي ته سينيئر وزير مريم اورنگزيب ۽ اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري لاءِ 4 ڪروڙ رپين جون 2 بليٽ پروف گاڏيون خريد ڪيون وڃن. خيال رهي ته وي آءِ پيز جي سڪيورٽي لاءِ 25 گاڏيون خردڻ جي سفارش اڳ ئي منظور ٿي چڪي آهي. تازو 108 نيون گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽ ونگ سفارشون صوبائي حڪومت کي ڏنيون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.