ڪراچي جو واحد حل بااختيار شهري حڪومت آهي: حافظ نعيم

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمن اورنگي ٽاؤن ڊسڪو موڙ تي جيئڻ ڏيو جلسي ۽ دعوت افطار دوران خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي جو واحد حل بااختيار شهري حڪومت آهي، هن چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ جڏهن سڀ اختيار ايم ڪيو ايم وٽ هئا، ته ڪراچي  کي صوبو ڇو نه بڻايو ۽ جماعت اسلامي صرف ڪراچي نه پر سڄي سنڌ جي شهرن ۾ بااختيار بلدياتي حڪومتن جو مطالبو ڪري ٿي، اسٽيبلشمينٽ کي گهرجي ته عوامي مينڊيٽ عوام کي ڏنو وڃي، نه ته چور، ڈاکو، وڊيرا ۽ جاگيردارن جي سرپرستي ڪئي وڃي، هن چيو ته پاڪ افغان جنگ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ناهي ۽ افغان حڪومت کي ڀارت جي هدايت تي جنگ نه ڪرڻ گهرجي، هن پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته اها صرف هڪ خاندان ۽ ڪجهه وڊيرن تي مشتمل آهي ۽ ڪراچي کي موهن جو داڙو بڻائڻ چاهي ٿي، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي عوام کي پاڻي ۽ بجلي کان محروم ڪيو ۽ ڪرائچي کي تباهي طرف ڌڪيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.