اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ناڻي واري وزارت جي ماهوار اڪنامڪ اپ ڊيٽ آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ پاڪستاني معيشت جي ترقي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي جڏهن ته معيشت مسئلن جو شڪار پڻ نظر اچي ٿي ۽ اهو حڪومت لاءِ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنوري 2026 ۾ ملڪي برآمد ۾ 5.5 سيڪڙو گهٽتائي آئي، اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ڇو ته ملڪي معيشت جي ٻاهرين آمدني گهٽجي رهي آهي جنهن سان واپاري خساري ۽ ڪرنسي جي قدر تي اثر پئجي سگهي ٿو. اهڙي ريت سڌي ريت ٻاهرين سيڙپڪاري ۾ 41 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي جيڪا معيشت جي بحالي لاءِ ڳنڀير مسئلو بڻجي سگهي ٿي. اها گهٽتائي عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ گهٽتائي ظاهر ڪري ٿي جنهن جي نتيجي ۾ معيشت ۾ وڌيڪ سستي اچي ويندي. رپورٽ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو به ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي. هي خسارو معاشي استحڪام لاءِ وڏو خطرو آهي، ان سان ملڪ جي مالي حالت تي دٻاءُ پئجي سگهي ٿو. رپورٽ موجب، روزگار لاءِ پرڏيهه وڃڻ وارن ماڻهن جي شرح ۾ 19 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته جنوري ۾ 75,663 ورڪرن ٻاهرين ملڪ روزگار لاءِ رجسٽرڊ ڪرايو. خانگي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ گهٽتائي ڪاروباري سرگرمين لاءِ ڏکيائين جو سبب بڻجي سگهي ٿي. زرعي شعبي جي قرضن ۾ واڌ باوجود خانگي شعبي جي قرضن جي فراهمي ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن سان خانگي سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا متاثر ٿي سگهن ٿا. رپورٽ موجب، مهانگائي جي شرح 6 کان 7 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، ان سان عوام جي خريداري واري قوت وڌيڪ محدود ٿي ويندي. جيو پوليٽڪل غير يقيني صورتحال ۽ عالمي جنسن جي اگهن ۾ لاها چاڙها به ملڪي معيشت لاءِ ڳنڀير خطرو آهن. ناڻي وزارت جو چوڻ آهي ته حڪومت جي آمدني ۽ خرچن جو توازن بهتر ٿيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ آءِ ٽي برآمد ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. 6 مهينن ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 4.8 سيڪڙو بهتري آئي آهي. مالي سال جي پهرئين 7 مهينن ۾ ناڻي ذخيرن ۾ 11.3 سيڪڙو واڌ ٿي.
پهرين مارچ کان پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو امڪان
اسلام آباد (بيورو) پهرين مارچ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، ذريعن موجب پهرين مارچ کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول 4 رپيا 58 پئسا في ليٽر تائين مهانگو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ڊيزل 4 رپيا 73 پئسا في ليٽر تائين مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته گاسليٽ 6 رپيا 88 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل 5 رپيا في ليٽر تائين مهانگو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ناڪاري رجحان، 830 پوائنٽ لاٿ
ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ناڪاري رجحان ڏٺو ويو. پي ايس ايڪس بينچ مارڪ 100 انڊيڪس ڪاروبار دوران 830 پوائنٽن جي لاٿ کانپوءِ هڪ لک 68 هزار 62 پوائنٽن تي بند ٿيو.
رمضان جي پهرين هفتي ۾ گوشت، دال سميت 13 شيون مهانگيون
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شماريات بيورو موجب، گذريل هفتي ٿوم، گوشت ۽ دال سميت 13 ضروري شيون مهانگيون ٿي ويون. ٽماٽن، پٽاٽن ۽ ڪڪڙ سميت 14 شين جون قيمتون گهٽجي ويون. شماريات بيورو موجب گذريل هفتي ٿوم، گوشت، دال ماش، ڏهي ۽ خشڪ کير مهانگا ٿي ويا. ايل پي جي ۽ ڪپڙن جي قيمتن ۾ به واڌ ٿي. ٻئي طرف، ٽماٽا، پٽاٽا ڪڪڙ، بصر، انڊا، اٽو۽ کنڊ سستي ٿي و سالياني بنيادن تي، ڪڻڪ جو اٽو 29.81 سيڪڙو، ٽماٽا 17 سيڪڙو، ڳاڙها مرچ 15 سيڪڙو ۽ ڪيلا 12 سيڪڙو مهانگا ٿي ويا. گوشت جي قيمت ۾ 9 سيڪڙو، ڳڙ 8.36 سيڪڙو ۽ ڪاٺ جي قيمت ۾ 11.40 سيڪڙو واڌ ٿي. سالياني بنيادن تي، گئس جي چارجز ۾ 30 سيڪڙو واڌ ۽ بجلي جي ٽيرف ۾ 17 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب، هفتيوار مهانگائي شرح ۾ 0.45 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. سالياني شرح 4.23 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.