افغانستان، ڀارت ۽ اسرائيل جو ڳٺ جوڙ، پاڪستان خلاف جعلي خبرون

اسلام آباد (عاصما شيرازي) پاڪستان افغانستان جي مختلف علائقن ۾ حملا ڪيا جن ۾ لنگنهار، قنڌار، ڪابل ۽ انگور اڏا شامل  آهن جتي طالبان کي وڏو نقصان پهچايو  ويو. افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پاڪستان کي ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته افغان طالبان پاڪستان خلاف مزاحمت جاري رکندا. عالمي سطح تي ايران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي جڏهن ته سعود يعرب جي پرڏيهي وزير سان پاڪستان جي نائب وزيراعظم رابطو ڪيو. پاڪستان عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي  ته هو افغانستان ۾ پاڪستان خلاف وڌندڙ حملن جو نوٽيس وٺي. افغانستان، ڀارت ۽اسرائيل وچ ۾ هڪ ڳٺ جوڙ آهي جيڪو پاڪستان خلاف ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهيو آهي. خاص طور تي اها دعويٰ ڪئي وئي ته پاڪستان جي ايف 16 جهاز کي افغان فضائيا ڪيرائي ڇڏيو، جيڪا دعويٰ بعد ۾ ڪوڙي ثابت ٿي، ان تي اسڪاءِ نيوز جي اينڪر يلدا حڪيم خبر کي غلط ثاب تٿيڻ بعد ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.