افغانستان سان پاڪستان ٺيڪ پيو ڪري، مداخلت نه ڪندس: ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، مان مداخلت نه ڪندس. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو، ان موقعي تي هن کان پاڪ-افغان جنگ بابت سوال پڇيو ويو. صحافي ٽرمپ کان پڇيو ته ڇا هو پاڪستان-افغان جنگ ۾ مداخلت ڪندو؟ جنهن تي آمريڪي صدر جواب ڏنو ته مان ڪندس، پر توهان کي خبر آهي، منهنجا پاڪستان سان تمام سٺا لاڳاپا آهن. ٽرمپ چيو ته مون کي لڳي ٿو ته پاڪستان تمام سٺو اڳتي وڌي رهيو آهي، پاڪستان افغانستان سان سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، مان مداخلت نه ڪندس.  آمريڪي صدر چيو ته پاڪستان جو هڪ بهترين وزيراعظم ۽ جنرل آهي، عظيم قيادت، اهي ٻه شخصيتون آهن جن جو مان واقعي تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو. ان کان علاوه، آمريڪي صدر چيو ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه ٿي سگهن، مان ايران سان خوش نه آهيان، پر جمعي تائين وڌيڪ ڳالهين جي توقع آهي، مان ايران سان هڪ معاهدو ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته هو ايران خلاف طاقت استعمال ڪرڻ نٿو چاهي، پر ڪڏهن ڪڏهن طاقت استعمال ڪرڻي پوندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.