اعليٰ تعليمي نظام دٻاءَ هيٺ، يونيورسٽين ۾ 40 سيڪڙو عهدا خالي

اسلام آباد (بيورو) اهو انڪشاف ٿيو آهي ته ملڪ جي سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ 40 سيڪڙو تدريسي ۽ انتظامي عهدا خالي آهن. هن صورتحال جو سخت نوٽيس وٺندي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ ريڪٽرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي 15 آگسٽ تائين سليڪشن بورڊ ۽ ڀرتي جو عمل مڪمل ڪن. ڪميشن غير ضروري دير لاءِ لاڳاپيل ادارن خلاف انتظامي ڪارروائي جو به اشارو ڏنو. ايڇ اي سي چيئرمين ڊاڪٽر نياز احمد اختر موجب، پرو وائيس چانسلر، رجسٽرار، ڊين ۽ استادن جي وڏي انگ ۾ خالي عهدا تعليمي ۽ انتظامي معاملن  کي متاثر ڪري رهيا آهن. ايڇ اي سي يونيورسٽين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ميرٽ تي شفاف ڀرتيون ڪن ته جيئن تعليمي معيار ۽ ادارتي گورننس کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪجهه يونيورسٽين ۾ اهم عهدن تي مقررين ۾ ڊگهي دير ٿي رهي آهي، جهڙوڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي ۾ رجسٽرار جي مقرري ۽ پمز ۾ ڊين جي مدي ۾ لاڳيتو واڌ ڪئي پئي وڃي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي خالي جايون ۽ عارضي انتظام اعليٰ تعليمي نظام تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ۽ فوري سڌارن جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.