نئين ديري ۾ بلاول ڀٽو ۽ امير بخش ڀٽو ۾ اهم ملاقات

نئون ديرو (رپورٽ: محمد علي جروار) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سردار اميربخش ڀٽو وچ ۾ نئون ديرو هائوس ۾ پهريون ڀيرو اهم ملاقات ٿي، سنڌ جي اڳوڻي وزير اعليٰ مرحوم ممتاز علي خان ڀٽو جي وفات بعد سندس پڳدار فرزند سردار امير بخش خان ڀٽو پهريون ڀيرو نئون ديرو هائوس پهچي بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري سندس ڏاڏي رئيس حاڪم علي زرداري جي وفات تي تعزيت ڪري مرحوم جي لاءِ دعا گهري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ اميربخش ڀٽو وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ فوج جي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪ فوج ھندستان جيان افغانستان جو غرور به مٽيءَ ۾ ملائيندي ۽ دنيا سطح تي پاڪ فوج کي هڪ ڀيرو ٻيهر  ساراهيو ويندو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران سنڌ جي موجوده صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. نئون ديرو هائوس جي ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي سردار امير بخش ڀٽو سان ٿيل ملاقات بعد امير بخش ڀٽو جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو امڪان آهي، پيپلز پارٽي نئون ديرو کي تعلقي جو درجو ڏيڻ بعد رتوديرو تعلقي واري سيٽ تي امير بخش ڀٽو کي اليڪشن ۾ اميدوار طور سامهون آڻڻ جا امڪان آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.