عمرڪوٽ واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ريليون، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عمرڪوٽ ۾ پوليس گردي خلاف مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست پارٽين طرفان احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا  ويا، عمر ڪوٽ ۾ پوليس تشدد، پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ منشيات ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ طرفان مرڪزي جنرل ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ڪامريڊ علي حسن وڪو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر اعتزاز گائينچو، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ ذوالفقار ميراڻي، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي آرگنائيزر علي محمد وڪو، محبوب رڪ راھوجو، مھراڻ سنڌي مصطفى رحمان ابڙو، مقبول راھوجو، وسيم چچو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته ڌاڙيلن لاءِ سنڌ حڪومت ماني جون دعوتون ڪري رهي آهي، ڌاڙيلن سان ميڙ منٿ ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي غريب مسڪين ماروئڙن کي پنهنجن گهرن مان گهلي، تشدد ۽ تذليل ڪري ڪڍيو پيو وڃي. اڳواڻن چيو ته سوين سالن کان آباد ڳوٺن جا روينيو ذريعي ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي سنڌين کي فلسطينين جيان پنهنجي ڌرتيءَ تان بي دخل ڪيو پيو وڃي، ايس ايس پي عمر ڪوٽ کي به معطل ڪري مٿس دهشت گردي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، حيدرآباد جي سياسي، سماجي ۽ وڪيل برادري حيدرآباد پريس ڪلب سامهون عمرڪوٽ ۾ پوليس هٿان عورتن جي تذليل ۽ تشدد واري واقعي خلاف ايڊووڪيٽ اقبال هڱورو، مير محمد نهڙيو، سيد جواد علي شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته 2 ڏينهن اڳ عمرڪوٽ ۾ عدالتي حڪمن تي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس ماڇي برادري جي گهر تي چڙهائي ڪري عورتن، ٻارن ۽ مردن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بنائي عورتن جي تذليل ڪري کين  گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن خلاف سرڪاري فرياد تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو آهي. جيڪو سراسر غريبن سان ظلم آهي، جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي حيدرآباد پاران پريس ڪلب حيدرآباد آڏو امرڪوٽ جي سولنگي برادري جي نياڻين سان ٿيل بدسلوڪي ۽ انھن جي گھرن تي ٿيل قبضي ۽ امرڪوٽ پوليس ۽ سموري انتظاميا خلاف ضلعي اڳواڻ آصف پنھور، احمد خان لغاري، سائين بخش برفت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ھنن مطالبو ڪيو ته امرڪوٽ ۾ سولنگي برادري سان ٿيل زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي، ۽ قبضو ڪرائيندڙ سيد ۽ پوليس انتظاميه کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي. سولنگي برادري کي پنھنجا گھر قانوني طور الاٽ ڪري ڏنا وڃن، قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ضلعي پاران عمر ڪوٽ واقعي خلاف سڏ تي نسيم نگر چوڪ تي عمرڪوٽ  واقعي خلاف قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدرنظير بليدي، بابو رفيق ميمڻ، معشوق چانڊيو، راول سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نسيم نگر چوڪ قاسم آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويو، موقعي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عمرڪوٽ ۾ سئو سالن کان آباد سولنگي برادري خلاف عدالتي فيصلي جي آڙ ۾ پوليس پاران نياڻين تي ڪيل سخت تشدد جي سخت مذمت ڪريون ٿا، پوليس غريب، مسڪين عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪئي آھي کين گھرن کان محروم ڪرڻ غير انساني، غير قانوني عمل ۽ دھشتگردي آھي. پوليس کي ڪنھن اختيار ڏنو آھي ته ڪو به جواز ڄاڻائي ماڻھن تي بدترين تشدد ڪري، توھين ڪري ۽ گھرن کان بيدخل ڪري ڇڏي، عمرڪوٽ واقعي جي خلاف سانگھڙ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ساانگھڙ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻ عبدالجبار جوڻيجو، قاسم عادل لغاري، سجاڳي فورم اڳواڻ عاجز منگي، عوامي ورڪرز پارٽي سانگھڙ جي اڳواڻ ميرحسن مري، ادبي سنگت جي حبيب لغاري، سليم رضا ڏاھري، ميڊم سلما قريشي احمد خاصخيلي، قادر شاھ حاڪم سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڏهرڪي ۾ به عمر ڪوٽ ۾ ماڇي برادري سان ٿيندڙ ناانصافي خلاف جسقم شهيد بشير خان طرفان جاويد ديشي، ساجد سنڌي، مالڪ مهر، ضمير سنڌي، مرتضيٰ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نياڻين سان وڏو ظلم ڪيو ويو، بيگناهه عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ڪنهن به مذهب ۽ معاشري ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي، رياست جي ذميواري آهي ته هر شهري کي تحفظ فراهم ڪري، خاص طور تي ڪمزور ۽ بي وس طبقي کي تحفظ ڏنو وڃي، هنن  سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدارانه جاچ ڪرائي وڃي، ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي، متاثر خاندانن کي تحفظ، طبي سهولتون ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

عمرڪوٽ واقعو، ڳالهيون ڪامياب، متاثرن کي واپس گهر ڇڏيو ويو

عمرڪوٽ(رپورٽ:غلام مصطفيٰ مھر ) عمرڪوٽ پوليس پاران سولنگي برادري جي گھرن تي چڙھائي ڪري عورتن کي تشدد جو  نشانو بڻائڻ وارو مامرو، پ پ، پي ٽي آءِ اڳواڻن، سماجي حلقن سولنگي برادري جي سردار ۽ متاثرن سان ڳالھيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، متاثرن کي واپس گھر ڇڏيو ويو، عمرڪوٽ شھر جي ڪاليج روڊ سلطان چوڪ وٽ سولنگي برادري جي گھرن کي خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس اٽالن طرفان چڙھائي ڪري سولنگي برادري جي عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائي گيھلي زوري پوليس موبائيل ۾ کڻي وڃي گرفتار ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو تنبو ھنيو ويو جيڪو گذريل رات دير تائين جاري رھيو لڳل ڌرڻي تي قومپرست اڳواڻ، سماجي حلقن طرفان پڻ ھمدردي طور تي شرڪت ڪئي وئي جڏھن ته لڳل ڌرڻي ۾ پ پ جي اڳواڻن ضلعي ڪائونسل جي وائس چيئرمين ميان خالد ولھاري، پ پ اڳواڻ برھان الدين ڪنڀر، پي ٽي آءِ اڳواڻ ليکراج مالھي، سماجي اڳواڻن غلام مصطفي کوسو، بنسي مالھي سميت ٻين سولنگي برادري جي آيل معزز اڳواڻ زبير خادم سولنگي، سولنگي برادري جي ماڻھن سان ڳالهيون ٿيون جيڪي متاثرن کي خالي ڪرايل گھر واپس ڪرائڻ سميت پلاٽ جي جاچ ڪري کيس ڏيارڻ واريون ڳالھيون ڪامياب ٿيڻ بعد متاثر سولنگي برادري جي عورتن ٻارڙن کي ڄاڻايل اڳواڻن طرفان واپس سندس گھر شفٽ ڪرايو ويو جڏھن ته ٻئي پاسي مثاتر سولنگيءَ برادري جي عورتن سلما، سبحان خاتون، مردن خير محمد، امير علي،بشير احمد ۽ ٻين متاثرن پنھنجي گھرن م واپس وڃڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ اڳواڻن اسان کي پلاٽ واپس ڪرائڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ واپس اچي ويھاريو آھي، جن ويھاريو آھي چون ٿا عيد تائين توھان اتي ويٺا ھجو عيد کانپوءِ توهان جي پلاٽ جو فيصلو ڪنداسين اسان کي پنھنجا اجھا ۽ پلاٽ واپس کپي ڪنھن به لالچ ۾ نه اينداسين، سڄي سنڌ جي ماڻهن اسان جي مدد ڪئي آھي جنھن سبب اسان کي واپس ويھاريو ويو آھي ھنن الزام لڳائيندي چيو ته اسان کي گھرن کان بيدخل ڪرڻ بعد گھرن تي قبضو ڪندڙ بااثرن جي ماڻھن اسانجا چاندي جا زيور، ڪپڙن جي سلائي مشين ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آھن جيڪو به واپس ڪرايو وڃي.

عمرڪوٽ واقعو کليل دهشت گردي آهي:رسول بخش خاصخيلي

عمر ڪوٽ (پ ر) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي وفد عمرڪوٽ پهچي متاثر ماڇي برداري سان ملاقات ڪري نياڻين  کي اجرڪون اوڍايون، عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو، عوامي تحريڪ اڳواڻ هريش مالهي، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ بلاول لاشاري، سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ شازيه جوڻيجو، سيما مير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفد عمرڪوٽ پهچي متاثر ماڇي برداري جي نياڻين سان ملاقات ڪري کين سياسي توڙي  قانوني مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ان کان اڳ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن عمر ڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي، پريس ڪانفرنس ۾ اڳواڻن چيو ته سڀني جو شڪريو ادا ڪريون ٿا، عوامي تحريڪ خاص طور تي عمرڪوٽ جي صحافين کي سلام پيش ڪري ٿي، جن هن معاملي کي بهادري، جُرت ۽ همت سان ڪوريج ڏني، عوامي تحريڪ واضح چوي ٿي ته اڄ سنڌ اندر لاقانونيت جو راڄ قائم آهي، جتي قانون ڪمزور لاءِ سخت ۽ طاقتور لاءِ نرم بڻيل آهي. پوليس چونڊيل نمائندن جي آشيرواد تي ڀتاخوري، سياسي دباءُ ۽ ناجائز ڪاررواين ۾ ملوث نظر اچي ٿي. مسڪين، غريب ۽ پورهيت ماڻهن جي گهرن تي حملا ڪرڻ، سندن تذليل ڪرڻ، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ کين دهشت ۾ رکڻ کُلي دهشتگردي آهي، رياستي ادارا پاڻ طاقتور ڌرين جا اوزار بڻجي وڃن، تڏهن جمهوريت جو چهرو به بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿو، رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ عمرڪوٽ جي گهٽين ۾ سولنگي برادري جي عورتن تي ٿيل وحشياڻو تشدد، هڪ صديءَ کان وڌيڪ پراڻن گهرن کي مسمار ڪرڻ، عورتن کي سري عام بازار ۾ گهلي پوليس موبائلن ۾ اڇلائڻ ۽ سندن تذليل ڪرڻ، اها ڪنهن به مهذب سماج لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي.

متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي:منظور سولنگي

عمرڪوٽ:متاثر سولنگي برادري جي گھر حيدر قادري ۽ سينيئر صحافي منظور سولنگي پُھتا جن ھر ممڪن مدد جي خاطري  ڪرائي ته سڄي سنڌ جو شعور اوھان سان گڏ آھي اسان ھن مامري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھنن چيو ته ڄاڻايل پلاٽ انھن مسڪين ماڻھن جو آھي جيڪو ڏياريو وڃي ۽ اسان اميد ٿا ڪريون ته عيد کانپوء انھن غريب خاندانن کي پنھنجا گھر ٺھرائي ڏيڻ لاء صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ پ پ جا اڳواڻ پنھنجو ڪردار ادا ڪري غريبن کي انصاف فراھم ڪندا، ٻئي پاسي فنڪشنل مسلم ليگ صوبي سنڌ جي نائب صدر خضر حيات مڱريو عمرڪوٽ واري معاملي تي سولنگي برادري سان يڪجهتي جو اظھار ڪندي چيو ته عمرڪوٽ جا چونڊيل نمائندا ۽ عمرڪوٽ جي پوليس انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن، مسڪين ماڻھن تي تشدد ڪري بي گھر ڪيو ويو آھي، ڪوڙا ۽ جعلي کاتا ٺھرائي ماڇين جي گھرن تي عمرڪوٽ پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا قبضو ڪرڻ چاھين ٿا فنڪشنل مسلم ليگ ۽ عمرڪوٽ جا شھري ھرگز ائين ڪرڻ نه ڏيندا اسان ماڇي برادري جي نياڻين تي ٿيل حملو سموري سنڌ جي نياڻين تي حملو سمجھون ٿا انھيءَ عمل جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا، فوري طور تي پوليس خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ سولنگي برادري کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

عمرڪوٽ ۾ صحافي اي بي آريسر تي قاتلاڻو حملو، هڪ جوابدار گرفتار

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ سولنگي پاري جي متاثرين جي ڪوريج ڪندي سينئر صحافي ۽ ڊان جي ضلعي رپورٽر اي بي آريسر تي مبينا طور قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، جنهن دوران کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اي بي آريسر صحافين کي ٻڌايو ته هو سولنگي برادري جي متاثرين کان پوليس آپريشن دوران ٿيندڙ مالي نقصانن بابت تفصيل گڏ ڪري رهيو هو ته زراعت کاتي جي واٽر مئنيجمينٽ ونگ جي ملازم دلبر ڀيو پنهنجي ساٿين علي مراد دل ۽ ٻين سان گڏجي مٿس حملو ڪيو، هن الزام هنيو ته جوابدارن کيس شديد تشدد جو نشانو بڻايو ۽ جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي، واقعي کان پوءِ غلام محمد ڪنڀر جي صدارت هيٺ عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ صحافين جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سينئر صحافين حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف فوري طور ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، اجلاس ۾ رسول بخش رحيمداڻي، ممتاز آريسر، نظر محمد سميجو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، مقررين چيو ته پريس جي آزادي تي ڪنهن به قسم جو حملو برداشت نه ڪيو ويندو ۽ صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، صحافين افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جوابدار مبينا طور ھڪ بااثر جي بنگلي ۾ پناهه ورتي، زراعت کاتي ۾ مقرر ملازم دلبر ڀيو خلاف ڪارروائي پڻ ڪئي وڃي، جيڪو مبينا طور پاڻ کي صحافي ظاهر ڪري ڪيترن سالن کان ڊيوٽي تان غير حاضر آهي، ايس ايس پي عمرڪوٽ عزير احمد ميمڻ  جو چوڻ هو ته ته اي بي آريسر هڪ معزز ۽ ذميوار صحافي آهي، جيڪو هميشه مظلومن جي آواز بڻيو آهي، هن چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ پريشان ڪندڙ آهي، جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن، قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا، هن ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هڪ جوابدار دلبر ڀيو کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاهه، ايم اين اي صبا ٽالپر، ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ۽ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي اختيارين سان رابطو ڪري واقعي جا تفصيل حاصل ڪيا، مذمت ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته صحافين تي حملو ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، واقعي کان پوءِ شهر جي صحافتي برادري ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي ۽ مطالبو ڪيو پيو وڃي ته صحافين جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا روڪي سگهجن.

عمرڪوٽ ۾ پوليس رياستي جبر جو مظاهرو ڪيو:ڪاشف سعيد

ڪراچي (پ ر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ عمرڪوٽ ۾ پوليس طرفان عورتن، ٻارن ۽ هٿين خالي ماڻهن مٿان بدترين تشدد، گرفتارين ۽ عورتن جي تذليل واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عمرڪوٽ ۾ پلاٽ جي تڪرار تي سنڌ پوليس رياستي جبر ۽ تشدد جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، عدالتي حڪم جي نالي تي سولنگي برادري جي غريب خاندانن کي تذليل ڪري گهرن مان بي دخل ڪرڻ، عورتن تي تشدد ڪرڻ ۽ چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي پامال ڪرڻ تي اسان سنڌ حڪومت جي جبر ۽ انسانيت سوز روين جي سخت مذمت ڪريون ٿا، بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڪو قانوني تڪرار موجود هو ته حڪومت وٽ ٻنهي برادرين وچ ۾ افهام ۽ تفهيم پيدا ڪرائڻ جا ڪيترائي طريقا موجود هئا، پر اهڙي قسم جي ڪارروائي جو ڪو به جواز نٿو بڻجي، هر شهري جي عزتِ نفس ۽ بنيادي انساني حقن، خاص طور عورتن جي وقار ۽ حرمت جو هر صورت ۾ تحفظ يقيني بڻائڻ رياست ۽ لاڳاپيل ادارن جي بنيادي ذميواري آهي۔.

ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪيس ۾ گرفتار متاثر عدالت ۾ پيش، آزاد ڪرڻ جو حڪم

عمرڪوٽ:سولنگيءَ برادري جي گرفتار ٿيل 7 ڄڻن تي ڪيل ڊيوٽي اٽڪاءُ جي ڪيس ۾ نامزد شفيع محمد سولنگي، حاجي خان، محمد ايوب، غلام محمد، محمد ھاشم ۽ محمد عمر کي ڪورٽ ۾ پيش  ڪيو ويو جتي ڪيس جي جاچ آفيسر طرفان رپورٽ پيش ڪرڻ  بعد  کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ضمانت ٿيڻ بعد سمورا متاثر پريس ڪلب عمرڪوٽ پھتا جتي صحافين سميت سڄي سنڌ واسين جو شڪريو ادا ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.